Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

کان گذريل گناھن جي معافي گهرو ۽ آينده گناھ ڪرڻ کان توبھ ڪيو ته جنهن پنهنجي گناھن کان پڪي توبھ ڪئي ۽ اخلاص سان ربّ ڪريم جو عبادت گذار ٻانهو بڻجي ويو ته الله پاڪ ان کي رِزق جي گهڻائي ۽ عيش جي ڪثرت عطا فرمائيندو جنهن سبب اهو امن ۽ راحت جي حالت ۾ زندگي گذاريندو ۽ الله پاڪ ان کان راضي ٿيندو، جيڪڏهن دنيا ۾ ان کي ڪنهن مُشقت جو منهن ڏسڻو به پيو ته الله پاڪ جي رضا حاصل ٿيڻ جي ڪري هي ان جي درجات جي بلندي جو سبب ٿيندي.[1]

حضرت هود عَلَيهِ السَّلَام جي قوم کي نصيحت

  سيپارو: 12، سورة هود، آيت: 52 ۾ آهي، الله پاڪ جي نبي حضرت هود عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي قوم کي فرمايو:

یٰقَوۡمِ اسۡتَغۡفِرُوۡا رَبَّکُمۡ ثُمَّ تُوۡبُوۡۤا اِلَیۡہِ  یُرۡسِلِ السَّمَآءَ  عَلَیۡکُمۡ مِّدۡرَارًا وَّ  یَزِدۡکُمۡ   قُوَّۃً   اِلٰی قُوَّتِکُمۡ  وَ لَا  تَتَوَلَّوۡا  مُجۡرِمِیۡنَ (۵۲)

(سيپارو: 12، سورة هود، آيت: 52)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي منهنجي قوم! توهان پنهنجي رب کان معافي گهرو پوءِ ان جي بارگاھ ۾ توبھ ڪيو پوءِ اهو توهان تي زوردار بارش موڪليندو ۽ توهان جي طاقت سان گڏ اڃان طاقت وڌيڪ ڪندو ۽ توهان مجرم ٿي منهن نه ڦيريو.

  تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: جڏهن قومِ عاد حضرت هود عَلَيهِ السَّلَام جي دعوت قبول نه ڪئي ته الله پاڪ سندن ڪُفر جي سبب 3 سالن تائين بارش روڪي ڇڏي ۽ نهايت شديد قحط (Famine) ظاهر ٿيو ۽ انهن جي عورتن کي سنڍ (Infertile) ڪري ڇڏيو، جڏهن اهي ماڻهو تمام گهڻو پريشان ٿيا ته حضرت هود


 

 



[1] تفسیر ِصراط الجنان ،پارہ:11،سورۂ  ہود، زیرِ آیت:3، جلد:4،صفحہ:393۔