Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

ٿيندو پيو وڃي، اڄ ڪلھ رِزق جي بي قدري ۽ بي حرمتي (Disrespect) کان ڪهڙو گهر خالي آهي، بنگلن ۾رهڻ وارن اربين پتي کان وٺي ڪري جهوپڙي (Hut) ۾ رهڻ واري مزدور تائين ان بي احتياطي (Carelessness) جو شڪار نظر ايندو آهي. شادي ۾ طرح طرح جي کاڌن جي ضايع ٿيڻ کان وٺي گهرن ۾ ٿانوَ ڌوئندي وقت جهڙيءَ طرح ڀاڄيءَ جي رَسُ (Curry Broth چانور ۽ ان جا ذرا وهائي ڪري مَعاذَ الله! ناليءَ جي حوالي ڪيا ويندا آهن، ڪاش رِزق جو احترام اسان جي دلين ۾ هجي ها ۽ کاڌي کي ضايع ٿيڻ کان بچائي وٺون ها.

مانيءَ جو  احترام ڪيو...!!

  ياد رکو! رِزق جي بي قدري، ان جي بي حرمتي تنگدستي جو سبب آهي. مسلمانن جي پياري امڙ، حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: تاجدارِ مدينه، سلطانِ باقرينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مڪانِ عاليشان ۾ تشريف وٺي آيا، مانيءَ جو ٽڪرو پيل ڏٺائون، ان کي کڻي ڪري صاف ڪيائون، پوءِ کائي ڇڏيائون ۽ فرمايائون: يَا عَائِشَةُ اَكْرِمِيْ كَرِيْمًا فَاِنَّهَا مَا نَفَرَتْ عَنْ قَوْمٍ قَطُّ فَعَادَت اِلَيْهِمْ يعني اي عائشه (رَضِىَ اللهُ عَنْها)! سُٺي شيءِ جو احترام ڪيو جو هي شيءِ (يعني ماني) جڏهن ڪنهن قوم مان وئي آهي موٽي ڪري ناهي آئي.[1]

   الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي! اسان کي کاڌي جهڙي عظيم نعمتِ الهي جو خوب قدر ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ کائڻ وقت کاڌي جي سنّتن ۽ آدابن جو به خوب خيال رکڻ گهرجي ڇوته اسان کائڻ وقت کاڌي جي سنّتن ۽ آدابن کي پيشِ نظر رکنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نه صرف رِزق جي بي قدري کان بچڻ ۾ ڪامياب (Successful) ٿي وينداسين بلڪه دنيا ۽ آخرت جي ڀلائين سان


 

 



[1] ابنِ ماجہ ،کتاب:الاطعمہ،باب:النہی عن  القاء الطعام،صفحہ:545 ،حدیث:3353۔