Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

مسجد مان جلدي نڪري وڃڻ. صبح سوير بازار وڃڻ. دير سان بازار مان اچڻ. پنهنجي اولاد کي بد دعائون ڏيڻ. گناھ ڪرڻ. خاص طور ڪوڙ ڳالهائڻ. ڀڳل ڦڻي استعمال ڪرڻ. ماءُ پيءُ جي لاءِ دعاءِ خير نه ڪرڻ. عمامو ويهي ڪري ٻڌڻ. ۽ قميص يا شلوار بيٺي بيٺي پائڻ. نيڪ اعمال ۾ بهانا ڪرڻ.[1]

  هي سڀ تنگدستي جا سبب آهن، الله پاڪ اسان کي تنگدستي کان محفوظ فرمائي، حلال رزق نصيب فرمائي.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

عمل کا ہو جذبہ عطا یاالٰہی!                                   گُناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی![2]

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

   پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون ماڻڻ، نمازن جو پابند بڻجڻ، پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جي ڪوشش ڪري ثواب جو ذخيرو جمع ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته (Link up) ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حصو وٺو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني قافلو به آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دين جي  تبليغ جي لاءِ سڄي  دنيا ۾ سنّتن کي عام ڪرڻ جي لاءِ، پاڻ نمازن جي پابندي ڪرڻ ۽ ٻين کي نمازن جو عادي بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي تحت هر مهيني هزارين اسلامي ڀائرَ مدني قافلن ۾ سفر ڪندا ۽ مختلف علائقن ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن، اوهان به همت ڪيو، الله پاڪ جي دين کي وقت ڏيو،


 

 



[1] فیضانِ سنت،صفحہ:264 تا 266۔

[2] وسائل بخشش ، صفحہ:102۔