Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

بهرحال! ڪفايت جيترو حلال رزق ڪمائڻ به جائز آهي ۽ پنهنجي حالات، باطني ڪيفيتُن ۽ توڪل جي درجي جي مطابق ضرورتاً مال جمع (Accumulate) ڪرڻ به جائز آهي. ان جون مختلف صورتون آهن، تفصيلي معلومات (Detailed Information) حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب حرص پڙهي وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ديني معلومات  جو انمول خزانو هٿ ايندو.

مِرا دل پاک ہو سرکار! دنیا کی محبت سے                مجھے ہو جائے نفرت کاش!  آقا ! مال  و  دولت سے [1]

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

هڪ سبق آمور حديثِ پاڪ

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان تنگدستي، محتاجي (Destitution) ۽ مُفلسي (Poverty) کان ڪيئن بچي سگهون ٿا؟ رِزقِ حلال ۾ اضافي جا سبب (Sources) ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ ان جي باري ۾ مدني گُل ٻڌڻ کان پهريان اچو! هڪ ايمان افروز ۽ سبق آموز حديثِ پاڪ ٻڌون ٿا.

  گذارش آهي ته هي حديثِ پاڪ اسان پنهنجي موجوده حالت (Situation) کي سامهون رکي ڪري ۽ جيڪو مالدار آهي اهو پنهنجي مالداريءَ کي سامهون رکي ڪري هي حديث شريف ٻڌي.

  الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: دنيا 4 شخصن جي لاءِ آهي: (1): اهو ٻانهو جنهن کي الله پاڪ مال به عطا ڪيو ۽ علمِ دين (Religious Knowledge) جي دولت به عطا فرمائي، بَس هي مال جي معاملي ۾ الله پاڪ کان ڊڄندو آهي، رشتيدارن سان حسنِ سلوڪ ڪندو آهي ۽ الله پاڪ جي رضاء جي لاءِ مال جا حق ادا ڪندو آهي، هي ٻانهو افضل درجي ۾ آهي. (2):


 

 



[1] وسائلِ بخشش،صفحہ:401۔