Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ  جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گهٽ کائڻ سنّت آهي

   فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جڏهن ٻانهو پنهنجي کاڌي ۾ گهٽتائي ڪندو آهي ته ان جو سينو نور سان ڀريو ويندو آهي.[2]

 اي عاشقانِ رسول! گهٽ کائڻ سنّت آهي اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن به لاڳيتو  2 راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بکَ جي سبب پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا.

کاڌي جي مقدار جي باري ۾ احڪام:

 بُکَ رکي ڪري کائڻ سنّت آهي. جيتري بُک آهي، اوترو کائي وٺڻ مباح آهي (يعني ان ۾ نه گناھ، نه ثواب). پيٽ ڀري ڪري اوترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو گمان هجي، حرام آهي.  پيٽ ڀري اوترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو انديشو نه هجي مڪروھ آهي. غذا ۾ ايتري گهٽتائي ڪري ڇڏڻ جو فرائض جي ادائيگي


 

 



[1] تاریخ  مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] جامع صغیر، صفحہ:35،حدیث:469۔