Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

ته ان کي به فرمايائون اِستغفار ڪيو! حضرت ربيع بن صَبيح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي اتي موجود هئا انهن عرض ڪيو: اوهان وٽ ڪجھ ماڻهو آيا ۽ انهن طرح طرح جون حاجتون (Needs) پيش ڪيون، اوهان سڀني کي هڪ ئي جواب ڏنو ته اِستغفار ڪيو! ان تي امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هي آيتون پڙهيون:[1]

اِسۡتَغۡفِرُوۡا رَبَّکُمۡ ؕ       اِنَّہٗ کَانَ غَفَّارًا (ۙ۱۰) یُّرۡسِلِ السَّمَآءَ عَلَیۡکُمۡ  مِّدۡرَارًا (ۙ۱۱) وَّ یُمۡدِدۡکُمۡ  بِاَمۡوَالٍ وَّ بَنِیۡنَ وَ یَجۡعَلۡ لَّکُمۡ  جَنّٰتٍ وَّ یَجۡعَلۡ لَّکُمۡ  اَنۡہٰرًا (ؕ۱۲)  (سيپارو: 29، سورة نوح: آيت: 10_11_12)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ مون چيو: (اي انسانو!) پنهنجي رب کان معافي گهرو بيشڪ اهو وڏو معاف فرمائڻ وارو آهي اهو توهان تي زوردار مينهن وسائيندو ۽ مالن ۽ پٽن سان توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جي لاءِ باغ بڻائي ڇڏيندو ۽ توهان جي لاءِ نهرون بڻائي ڇڏيندو.

مينهن وسڻ لڳو

   مسلمانن جو ٻيو خليفو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي دورِ خلافت ۾ هڪ ڀيري ڏڪار پيو، مينهن وسڻ بند ٿي ويو هو، حضرت عمر فاروقِ اعظم  رَضِىَ اللهُ عَنْه مينهن جي لاءِ ماڻهن کي جمع ڪيو، ميدان ۾ تشريف وٺي ويا ۽ صرف استغفار ئي ڪندا رهيا، ان کان علاوه الله پاڪ کان ڪجھ نه گهريائون. بَس! انهيءَ استغفار جي برڪت سان مينهن وَسي پيو. ماڻهن کي حيراني ٿي، چيائون: اي اميرُ المؤمنين! اسان مينهن جي دعا جي لاءِ آيا هئاسين، اوهان دعا ته ڪئي ئي نه. ان تي حضرت عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه قرآنِ ڪريم جي هي آيت مبارڪ تلاوت فرمائي:[2]


 

 



[1] تفسیرِ خازن،پارہ:29 ،سورۂ  نوح،زیرِ آیت :10 -11،جلد:4 ،صفحہ:345۔

[2] تفسیرِ خازن،پارہ:29 ،سورۂ  نوح،زیرِ آیت :10 -11،جلد:4 ،صفحہ:345۔