Share this link via
Personality Websites!
417592
6631
ڪڍندو آهي، نيڪ ڪمن جي لاءِ وقت ڪڍندو آهي، الله پاڪ ان جو سينو غِنٰي (مالداري) سان ڀري ڇڏيندو آهي، ان جي غربت، محتاجي ۽ فقيري کي دور فرمائي ڇڏيندو آهي.
ایسا کرم ہو نیکیوں میں دِل لگا کرے پڑھتا ہوں گر نَماز بھی تو بے دِلی کے ساتھ[1]
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
حضرت وهب بن مُنَبّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: بني اسرائيل ۾ هڪ شخص هو، ڪفايت جيترو حلال رِزق ڪمائيندو هو ۽ باقي وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. هڪ ڀيري لاڳيتو ڪيئي ڏينهن تائين کيس ڪٿي به مزدوري (Wage) نه ملي ۽ حالت فاقه ڪشي تي اچي پهتي پر ان همت نه هاري، هڪ ڏينهن هي نيڪ ٻانهو صبح جو سوير الله پاڪ جو نالو وٺي ڪري مزدوري جي ڳولا ۾ نڪتو پر ڪٿي به ڪو ڪم ڪونه مليس. آخرڪار ٿڪجي هارجي ڪري اهو درياء جي ويجهو آيو، وضو ڪيائين ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويو. ائين ان سڄو ڏينهن نوافل پڙهندي گذاري ڇڏيو. شام جو جڏهن گهر پهتو ته گهر واري پڇيو: ڇا ڪو ڪم مليو؟ چيائين! ها! اڄ مون نهايت ڪريم مالِڪ وٽ مزدوري ڪئي، ان واعدو ڪيو آهي ته هو مون کي تمام سُٺو بدلو (Reward) ڏيندو.
اڳئين ڏينهن وري ڪمَ جي ڳولا ۾ نڪتو، ڪو ڪم نه مليس ته پوءِ دريا جي ڪناري پهتو، وضو ڪيائين ۽ عبادت ۾ لڳي ويو، سڄو ڏينهن عبادت ۾ گذاريائين، شام جو گهر آيو گهر واري کيس خالي هٿين ڏٺو ته پڇيائين: اڄ ڇا ٿيو؟ چيائين: اڄ وري مون انهيءَ مالڪ وٽ مزدوري ڪئي آهي، هو وڏو ڪريم آهي، ان مون سان واعدو ڪري رکيو آهي ته مون کي هن مزدوري جو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami