Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

رِزق ۾ اضافي جو سبب: رِزق جو  قدر ڪرڻ

  پيارا اسلامي ڀائرو! رِزق ضايع ٿيڻ کان بچائڻ، رِزق جو قدر ڪرڻ ۽ احترام ڪرڻ جي برڪت سان به رِزق ۾ اضافو ٿيندو آهي. جيئن ته شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مشهور ۽ معروف ڪتاب: فيضانِ سنّت، جلد اوّل صفحو: 263 تي آهي: زبردست مُحدث حضرت هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي بغداد جي خليفي مامُونُ الرّشيد پاڻ وٽ دعوت تي گهرايو، کاڌي کان فارغ ٿي ڪري کاڌي جا جيڪي داڻا وغيره ڪِري پيا هئا، حضرتِ هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه چونڊي چونڊي ڪري تناول فرمائڻ لڳا. بغداد جي خليفي مامُونُ الرّشيد حيران ٿي ڪري چيو: اي شيخ! ڇا اوهان جو اڃان تائين پيٽ ناهي ڀريو؟ فرمايائون: ڇونه! اصل ۾ ڳالھ هيءَ آهي ته مون کي حضرت حمّاد بن سلمه رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ  حديثِ پاڪ بيان فرمائي آهي: جيڪو شخص دسترخوان (Dinning Mat) تي ڪِريل ٽڪرن کي چونڊي چونڊي ڪري کائيندو، اهو تنگدستي کان بي خوف (Fearless) ٿي ويندو.[1] مان انهيءَ حديث مبارڪ تي عمل ڪري رهيو آهيان. هي ٻڌي ڪري مامون نهايت متاثر ٿيو ۽ پنهنجي هڪ خادم جي طرف اشارو ڪيائين ته اهو 1 هزار دينار رومال ۾ ٻڌي ڪري کڻي آيو. مامون اهي دينار حضرت هُدبه بن خالِد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ نذراني طور پيش ڪري ڇڏيا. حضرت هُدبه بن خالِد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: الۡحمد لله! حديث مبارڪ تي عمل جي هٿون هٿ برڪت ظاهر ٿي وئي.[2]

 پيارا اسلامي ڀائرو! رِزق جو قدر ڪرڻ، رِزق کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ به رِزق ۾ اضافو جو سبب آهي. هاءِ! اڄڪلھ رِزق جو احترام دلين مان ختم


 

 



[1] تاریخِ بغداد، جلد:4، صفحہ:312، رقم:2050۔

[2] تاریخ اصبہان ،جلد:2 ،صفحہ:333 ۔