Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

گڏوگڏ رِزق ۾ خير ۽ برڪت جي نعمت سان به سرفراز ٿينداسين.

  الله پاڪ اسان کي رِزقِ حلال نصيب فرمائي، اسان کي محتاجي ۽ تنگدستي کان محفوظ فرمائي ۽ ڪاش! ڪاش! اسان کي رِزق جو قدر نصيب ٿي وڃي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! رِزق جو قدر ڄاڻڻ ۽ کاڌي جا آداب وغيره سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جا ڪتابَ ۽ رسالا (1): تنگدستي ۽ رِزق ۾ بي برڪتي جو سبب (2): مانيءَ جو احترام (3): کاڌي جون 5 سنّتون (4): کاڌي جو اسلامي طريقو (5): کائڻ ۽ کارائڻ جي باري ۾ سوال جواب (6): ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مشهور ۽ معروف ڪتاب فيضانِ سنّت جو باب آدابِ طعام پڙهي وٺندا! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ سارو علمِ دين سکڻ جي لاءِ ملندو.

رِزق ۾ اضافي جا وڌيڪ سبب

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو اِستغفار جي ڪثرت ڪرڻ، تقوٰي اپنائڻ، گناھن کان بچڻ، عبادت جي لاءِ دل کي فارغ رکڻ ۽ رِزق جو قدر ڪرڻ جي برڪت سان رِزق ۾ اضافو ٿيندو آهي. رِزق ۾ اضافي جا ٻيا به کوڙ سبب آهن: مثلاً: رشتيدارن ۽ (خاص طور ماءُ پيءُ) سان حسنِ سلوڪ ڪرڻ سان رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي[1] قرآنِ پاڪ جون مختلف سورتون پڙهڻ  جهڙوڪ: سورت مُلڪ، سورت مزمل، سورت واللّيل ۽ سورت اَلَمۡ نَشۡرح ۽ خاص طور سورت


 

 



[1] بخاری،کتاب: الادب،باب: من بسط لہ فی الرزق…الخ،صفحہ:1495،حدیث:5986۔