Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

تندگدستي جا ڪجھ ڪارڻ

   پيارا اسلامي ڀائرو! جهڙيءَ طرح روزيءَ ۾ برڪت جا سبب آهن اهڙيءَ طرح روزي ۾ تنگي جا به ڪجھ ڪارڻ آهن، جيڪڏهن انهن کان بچيو وڃي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! روزي ۾ برڪت ئي برڪت ڏسندا. بنا هٿ ڌوئڻ جي کاڌو کائڻ. مٿي اگهاڙي کائڻ. اونداهي ۾ کاڌو کائڻ. دروازي تي ويهي ڪري کائڻ. ميت جي ويجهو ويهي ڪري کائڻ. جَنابت (يعني غسل فرض هجڻ جي حالت ۾) کاڌو کائڻ. کٽَ تي بنا دسترخوان وڇائي کائڻ. ڏندن سان ماني ڪُترڻ. چيني يا مٽيءَ جا ڀڳل ٿانوَ استعمال  ڪرڻ، انهن ۾ پاڻي پيئڻ (ياد رکو! ٿانوَ يا ڪوپ جي ڀڳل حصي جي طرف کان پاڻي، چانھ وغيره پيئڻ مڪروھ آهي، مٽي جي ڀڳل يا اهڙا ٿانوَ جن جي اندروني حصي مان ٿورڙي مِٽي نڪتل هجي ان ۾ کاڌو نه کائو جو ميراڻ ۽ دزي ۽ جراثيم (Germs) پيٽ ۾ وڃي ڪري بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿا). جنهن ٿانوَن ۾ کاڌو کاڌو هجي اهي چڱي طرح صاف نه ڪرڻ. جنهن ٿانوَ ۾ کاڌو کاڌو انهن ۾ هٿ ڌوئڻ.  کاڌي پيتي جا ٿانوَ کُليل ڇڏي ڏيڻ (کاڌي پيتي جا ٿانوَ بِسمِ الله چئي ڪري ڍڪي ڇڏڻ گهرجن جو بلائون لهنديون آهن ۽ خراب ڪري ڇڏينديون آهن پوءِ اهو کاڌو ۽ مشروب بيماريون آڻيندو آهي). مانيءَ کي هن طرح رکڻ جو بي ادبي هجي ۽ پيرن ۾ اچي. اهڙيءَ طرح گهڻو سمهڻ جي عادت (ان سان جهالت به پيدا ٿيندي آهي) بي لباس ٿي ڪري سمهڻ. بي حيائي سان پيشاب ڪرڻ (ماڻهن جي اڳيان عام رستي تي بنا تڪلُف پيشاب ڪرڻ وارا غور ڪن) دسترخوان تي ڪِريل داڻا ۽ کاڌي جا ذرا وغيره کڻڻ ۾ سُستي ڪرڻ. بصر ۽ ٿوم جون کَلون ساڙڻ. گهر ۾ ڪپڙن سان ٻهارو ڏيڻ. رات جو ٻهارو ڏيڻ. گند ڪچرو گهر ۾ ئي ڇڏي ڏيڻ. مشائخ (عُلماءِ دين ۽ نيڪ بزرگن) جي اڳيان هلڻ. والدين کي سندن نالي سان پڪارڻ. دروازي جي هڪ حصي کان ٽيڪ لڳائي ڪري بيهڻ. بيتُ الخلا (Toilet) ۾ وضو ڪرڻ. گهر ۾ ڪوريئَڙي جا ڄارا ڇڏي ڏيڻ. نماز ۾ سُستي ڪرڻ. نمازِ فجر کان بعد