Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

(Devastation) ۾ وجهي ڇڏيندي آهي، باقي زندگي گذارڻ جي لاءِ مال، دولت، رِزق هجڻ به ضروري آهي * ظاهر آهي مال هوندو ته اسان زندگي جون بنيادي ضرورتون (Basic Needs of Life) پوريون ڪري سگهنداسين * مال هوندو ته پنهنجي، پنهنجي اهلِ خانه (Family) جي، ٻارن ٻچن جي بهتر ڪفالت ڪري سگهنداسين * مال هوندو تڏهن ئي پاڻ کي، ٻارن ٻچن کي تنگدستي، غريبي ۽ پِنَڻ وغيره (Begging) کان محفوظ رکي سگهنداسين * مال هوندو ته رشتيدارن ۽ پاڙي وارن وغيره جا مالي حقوق (Financial Rights) ادا ڪري سگهنداسين  * مال هوندو ته الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪا مسجد يا مدرسو ٺهرائي سگهنداسين * مال هوندو ته حج به ادا ڪري سگهنداسين * مال هوندو ته  
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مديني پاڪ جي حاضري به آسان ٿيندي ۽ * ڪفايت جيترو حلال رزق هوندو ته ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! شيطاني چالن کان بچڻ به آسان ٿي ويندو.

ڪُفر ۾ پوڻ جو  هڪ سبب

الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: کَادَالْفَقْرُ اَنْ یَّکُوْنَ کُفْراً    يعني قريب آهي جو فقر (غُربت، محتاجي، تنگدستي) ماڻهوءَ کي ڪُفر ۾ وجهي ڇڏي.[1]

 هونئن ته مبارڪ حديثن ۾ غُربت جا کوڙَ فضائل بيان ٿيا آهن، غربت بُري ناهي نهايت چڱي ۽ فائدي مند (Beneficial) آهي پر غُربت اها چڱي آهي جيڪا شڪر سان گڏ هجي، جڏهن غُربت سان گڏ شڪر جي جاءِ تي شڪايت ايندي آهي ته غُربت هلاڪت جو سبب بڻجي ويندي آهي. پيٽ جي باھ نهايت خطرناڪ باھ آهي، اها ماڻهوءَ کي بي وَس (Helpless) ڪري ڇڏيندي آهي، جڏهن ماڻهو


 

 



[1] شعب الایمان،جلد:5،صفحہ:267 ،حدیث:6612۔