Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

برڪتون به ملنديون آهن، الله پاڪ اسان کي تقوٰي جي دولت نصيب فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

احکامِ شَرْع پر مجھے دے دے عمل کا شوق          پیکر خلوص کا بنا  یاربِّ مصطَفٰے![1]

رِزق ۾ اضافي جو سبب: عبادت

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي زندگي جو مقصد (Purpose of Life) الله پاڪ جي عبادت آهي. جيڪڏهن اسان عبادات جي لاءِ نيڪ ڪمن جي لاءِ وقت ڪڍون. پنج ئي نمازون باجماعت مسجد ۾ ادا ڪيون. نوافل جو وقت به ڪڍون. تلاوتِ قرآن جي لاءِ به وقت ڪڍون. نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، علمِ دين سکڻ سيکارڻ، علاقائي دوري ۾ شريڪ ٿيڻ، درس ڏيڻ، ٻڌڻ، مدرسةُ المدينه بالغان پڙهڻ، پڙهائڻ هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ. نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ مدني قافلن ۾ سَفر ڪرڻ ۽ ٻين نيڪ اعمال ڪرڻ جي لاءِ وقت ڪڍون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون ۽ الله پاڪ چاهيو ته رِزقِ حلال ۾ به اضافو ٿيندو،  جيئن ته حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، رسولِ رحمت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ الله پاڪ فرمائي ٿو: اي ابنِ آدم! منهنجي عبادت جي لاءِ پاڻ کي فارغ ڪري ڇڏ! مان تنهنجي سيني کي غنٰي (يعني مالداري) سان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجي محتاجي دور ڪري ڇڏيندس ۽ جيڪڏهن تون هي نه ڪندي (يعني عبادت جي لاءِ پاڻ کي فارغ نه ڪندي) ته تنهنجو هٿ ڪم ڪار سان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجي محتاجي دور نه ڪندس.[2]


 

 



[1] وسائلِ بخشش،صفحہ:131۔

[2] ترمذی،ابواب صفۃ القیامۃ و الرقائق و الورع،صفحہ:585 ،حدیث:2466۔