Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

رِزق ۾ اضافي جو ٻيو سبب: تقوٰي

   سيپارو: 28، سورةُ الطلاق، آيت: 2 ۽ 3 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ  مَنۡ یَّتَّقِ اللّٰہَ  یَجۡعَلۡ لَّہٗ  مَخۡرَجًا ۙ(۲) وَّ یَرۡزُقۡہُ  مِنۡ حَیۡثُ لَا یَحۡتَسِبُ ؕ       وَ مَنۡ  یَّتَوَکَّلۡ عَلَی اللّٰہِ  فَہُوَ حَسۡبُہٗ ؕ

(سيپارو: 28، سورةُ الطلاق، آيت: 2 ۽ 3)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو الله کان ڊڄي الله ان جي لاءِ نڪرڻ جو رستو بڻائي ڇڏيندو. ۽ ان کي اتان کان روزي ڏيندو جتان ان جو گمان به نه هوندو ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪري اهو ان کي ڪافي آهي.

 

دے حُسنِ اَخلاق کی دولت                                  کر دے عطا اِخلاص کی نِعمت

مجھ کو خزانہ دے تَقویٰ کا                                     یااللہ!  مری  جھولی  بھر دے[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: تقوٰي اختيار ڪرڻ سان به رِزق ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! ڪهڙيون  ته برڪتون آهن جو جيڪو پرهيزگاري  اختيار ڪندو آهي، ان کي رِزق اُتان ڏنو ويندو آهي، جتان ان جو گمان به نه هجي.

ڪڏهن ڪڏهن اسان سان ائين ٿي ويندو آهي، سڀئي دروازا بند ٿي ويندا آهن، مثال طور پيسن جي سخت ضرورت آهي، ڪم ڪٿان نٿو ٿي. نوڪري هئي، ختم ٿي وئي، دڪان ٺهرايو، هليو ئي نه. ٻارَ بُکَ ۾ تڙپي رهيا آهن. ڀاءُ کان اوڌر گهري، ان مدد نه ڪئي. دوستن کان مدد گهري، انهن به نه ڪئي. سڀئي ئي دروازا بند، ڪا سمجھ نه  ٿي اچي، ڪيون ته ڇا ڪيون، رِزق جو دروازو کُلي ته ڪٿان کُلي، اهڙي موقعي تي ٻانهو هزار رستا تلاش ڪندو آهي پر ان کي


 

 



[1] وسائلِ بخشش،صفحہ:123۔