Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

رهيا آهيو. ان تي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ان سان منهنجي محنت ۽ مشقت جا ڏينهن هڪ هفتي کان به گهٽ رهجي ويا آهن، هڪ هفتو به نه گذرندو جو هي ويچارو دنيا مان رخصت ٿي ويندو.

   ابنِ سمحل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيئن حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو هو، بلڪل ايئن ئي ٿيو، هفتي جو آخري ڏينهن هو ته ان طالبِ علم جو انتقال ٿي ويو.([1])

مرتبہ یُوں ترا خالِق نے بڑھایا یَاغوث!       اولیا کا تجھے سلطان بنایا یَاغوث!

میں نکما تو کسی کام کے قابِل ہی نہ تھا        مجھ سے بےکار کو تم نے ہی نبھایا یَاغوث!

پيارا اسلامي ڀائرو! سيرتِ غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هن ايمان اَفروز واقعي مان سکڻ جي لاءِ تمام گهڻا مدني گُلَ آهن:

(1): اولياءِ ڪرام کي به علمِ غيب ڏنو ويندو آهي

 پهريون مدني گُل هي مليو ته اولياءِ ڪرام به الله پاڪ جي عطا سان آينده جون ڳالهيون ڄاڻي وٺندا آهن، انهن کي به علمِ غيب ڏنو ويندو آهي. سيپارو: 29 سورة جِن، آيت 26_ 27 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

عٰلِمُ الۡغَیۡبِ فَلَا یُظۡہِرُ عَلٰی غَیۡبِہٖۤ اَحَدًا (ۙ۲۶)  اِلَّا مَنِ ارۡتَضٰی مِنۡ رَّسُوۡلٍ  (سيپارو: 29، سورة جِن: آيت 26_27)  

ترجمو ڪنزالعرفان: غيب جو ڄاڻڻ وارو پنهنجي غيب تي ڪنهن کي مطلع ناهي ڪندو. سواءِ پنهنجي پسنديده رسولن جي.

هن آيتِ ڪريمه ۾ ايترو ته بلڪل صاف ۽ واضح فرمايو ويو آهي ته الله پاڪ


 

 



[1] ... قلائد الجواہر ، صفحہ:37 بتغیر قلیل۔