Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

فرمائي؟ سوال هي بڻجي ٿو ته اسان جي دل ۾ ربِّ ڪريم جي ياد ڪٿي آهي؟ الله پاڪ ته اسان جي شھ رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهي، پري ته اسان ان کان ٿي ويا آهيون. الله پاڪ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا  الۡاِنۡسَانُ مَا غَرَّکَ بِرَبِّکَ الۡکَرِیۡمِ ۙ(۶)  (سيپارو: 30 سورة انفطار: آيت: 6)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي انسان توکي ڪهڙي شيءِ پنهنجي ڪرم واري ربّ جي باري ۾ ڌوڪي ۾ وڌو.

   اي عاشقانِ رسول! هن آيتِ ڪريمه کي باربار پڙهو! اُن تي غور ڪيو! اسان جو رب وڏو ڪريم آهي، تمام گهڻو ڪرم فرمائڻ وارو آهي، وڏو نوازڻ وارو آهي، تمام مهربان، رحم فرمائڻ وارو آهي، آخر ڪهڙيءَ شيءِ اسان کي ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو؟ اسان ڪهڙيءَ وجھ سان پنهنجي ربِّ رحمٰن کان پري ٿيندا پيا وڃون؟ اسان ڇو ان جي دروازي تي نه ٿا اچون؟ موذن پڪاري پڪاري ڪري چوندو آهي: حَیَّ عَلَی الْفَلَاح ،حَیَّ عَلَی الْفَلَاح اچو! ڪاميابي جي طرف، اچو! ڪاميابي جي طرف.

یہی مسجد، یہی کعبہ، یہی گلزارِ جنّت ہے          چلے آؤ! مسلمانو! یہی تختِ مُحَمَّد ہے

   آخر اسان ڪهڙيءَ شيءِ جي ڳولها ۾ آهيون؟ اهو ڪهڙو خزانو آهي جيڪو اسان دنيا ۾ ڳولي رهيا آهيون ۽ اهو الله پاڪ وٽان ناهي ملندو...؟ هتي ڪنهن شيءِ جي گهٽتائي ناهي، ربِّ ڪريم جي حضور مٿو سجدي ۾ رکي ڪري ته ڏسو...!! هتي سڀ ڪجھ ملندو آهي، دنيا به چڱي ٿي ويندي آهي ۽ آخرت به موچاري ٿي ويندي آهي.

چور آيو، مقبوليت ماڻي ويو

   الروضُ الفائق ۾ آهي: رات جي وقت هڪ چور حضرت رابعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جي