Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

غوثِ پاڪ ۽ خيرخواهيءِ اُمّت جو جذبو

  پيارا اسلامي ڀائرو! حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دل ۾ امّت جي خيرخواهي جو جذبو ڪيتري قدر ڀريل هو، ان جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ ايمان افروز فرمان ٻڌندا! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! هي فرمانِ ذيشان ٻڌي ڪري عاشقانِ غوثِ اعظم جي دل جهومي ويندي.

   545 سن هجري، رجبُ المرجب جو مهينو هو، جمعي جي ڏينهن حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  پنهنجي مدرسي ۾ تَوحيد جي موضوع تي طَويل بيان فرمايو، بيان جي آخر ۾ گفتگو کي سميٽيندي فرمايائون: اي انسانو! مان توهان ڏي صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ مُتوَجه ٿيندو آهيان، منهنجي اندر توهان جي اهڙي رحم دلي ۽ شفقت آهي جو جيڪڏهن ٿي سگهي ها ته مان توهان جي جڳھ توهان مان هر هڪ جي قبر ۾ مان پاڻ لهان ۽ توهان جي طرف کان نَڪِيرَين کي جواب به خود ئي ڏيان ها...!!([1])

قلبِ مُردہ کو بھی ٹھوکر سے جِلا دو مُرشِد           تم نے ٹھوکر سے ہے مُردوں کو جِلایا یاغوث!

آفتوں میں ہوں گرفتار، مدد کو آؤ                آہ! دُنیا کے غموں نے ہے ستایا یاغوث!

مَیں جہنّم میں نہ اب جاؤں گا اِنْ شَآءَ اللہ          رہنما تم کو جو مَیں نے ہے بنایا یاغوث!

  الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! هي ڪهڙي خيرخواهي آهي! هي ڪهڙو عظيم جذبو آهي...!! قبر جي پهرين رات ڪيڏي سخت ترين رات هوندي آهي، مڙدو صدمي ۾ چور چور هوندو آهي، دنيا ڇڏڻ جو غم، اولاد جي جدائي جو غم، پوءِ روح نڪرڻ جي تڪليف، قبر جي وحشت، اونداهي، اڪيلائي، پوءِ ان سان گڏوگڏ فرشتا قبر ۾ ديوارون چيريندي اچي ويندا آهن، ميت کان سوالات ڪندا آهن.


 

 



[1] ...الفتح الربانی، صفحہ:318۔