Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

اسلامي فيضانِ غوثِ پاڪ آهي، فيضانِ خواجه ۽ رضا بلڪه فيضانِ اولياء آهي، اولياءِ ڪرام جي مبارڪ تعليمات سکڻ، سندن سيرت مان روشني کڻي ڪري پنهنجي زندگي چمڪائڻ، سينو مدينو بڻائڻ يعني پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت ۽ سنّتن تي عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ اوهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو به آهي. اچو! ترغيب جي لاءِ مدني بهار ٻڌون ٿا:

سفرِ مدينه جي سعادت ملي وئي!

   شيخوپوره (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو آهي: الحمد لله! مون کي عمرو شريف ڪرڻ جو شرف مليو، اتي قُصور (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ قاري صاحب سان ملاقات ٿي، انهن ٻڌايو مون دعوتِ اسلامي جي عاشقانِ رسول سان گڏ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪئي ۽ اتي خوب روئي روئي ڪري مديني پاڪ جي حاضري جي لاءِ دعا گهري.

 دعا جي قبوليت جا آثار هيئن ظاهر ٿيا جو جڏهن مدني قافلي مان واپس آيس ۽ معمول مطابق ٻارن کي قرآنِ پاڪ پڙهائڻ جي لاءِ ڪنهن جي گهر پهتس. ته گهر وارا ڪافي مهرباني سان پيش آيا ۽ چيائون: قاري صاحب! ماشآء الله! اوهان اسان جي ٻارن کي قرآن جي تعليم ڏيندا آهيو، جيڪڏهن اوهان جي ڪا خواهش هجي ته ٻڌايو، شروع ۾ مون ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن جي اصرار تي مون چيو ديدارِ مدينه جي آرزو آهي. انهن مون کي فوراً اخراجات پيش ڪري ڇڏيا ۽ ايئن الحمد لله! مدني قافلي ۾ دعا گهرڻ جي برڪت سان مون گنھگار