Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

وڃن پر اجتماع  تي نه رقّت طاري  ٿئي ٿي، نه محفل جو رنگ بدلجي ٿو، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه صرف اوترو چون ٿا: مون ڪالھ روزو رکيو هو. ۽ اجتماع جو رنگ ئي تبديل ٿي وڃي ٿو، ماڻهن جون دليون نرم ٿي وڃن ٿيون، رقّت طاري ٿي وڃي ٿي، ڇو؟ آخر راز ڇا آهي؟ راز هي ئي آهي ته غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڻ نه ڳالهائيندا آهن بلڪه الله پاڪ جي حڪم تي عمل ڪندا آهن، ان جي رضا جي لاءِ بيان فرمائيندا آهن، ربّ ڪريم! الهام جي ذريعي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي حڪم فرمائيندو آهي: اي عبدُ القادر! ڳالهايو...!! بيان ڪيو! اوهان جو بيان ٻڌو ويندو. سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! هر مسلمان اندازو لڳائي سگهي ٿو ته جڏهن هن ڪمال اخلاص سان بيان ڪيو ويندو ته ان بيان ۾ڪيڏي تاثير هوندي، اهڙو بيان ڪيترن ماڻهن جي دلين تي تاثير جو تير بڻجي ڪري لڳندو ۽ زندگي تبديل ڪري ڇڏيندو.

  اهو ئي سبب آهي جو حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بيان ۾ جيڪو خوش نصيب  شرڪت ڪري وٺندو هو، ان جي بگڙي بڻجي ويندي هئي. ڪنهن ڇا ته خوب چيو آهي!!!

جس کا عمل ہو بے غرض                     اس کی جزا کچھ اور ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عقيدي جو مسئلو حل ٿي ويو

   امام ذهبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکيو آهي: شيخ ابوبڪر عماد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مبارڪ دور جو عالِم هو، اهو فرمائي ٿو: مان علمِ عقائد پڙهندو هيس، هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو هڪ اسلامي عقيدي جي متعلق منهنجي دل ۾ شڪ پيدا ٿي پيو، (قرآن ۽ حديث ڪجھ ٻڌائي رهيا هئا، عقل ڪجھ  ٻيو چئي رهيو هو، دماغ ڪم نه ڪري رهيو هو، وڏي پريشاني هئي، مون کي اطمينان