Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

  هن دنيا ۾ اسان جا کوڙ سارا دوست آهن، رشتيدار آهن، ڪو ته بس پنهنجي مطلب تائين هوندو آهي ۽ جيڪي وفادار سڄي زندگي ساٿ نڀائيندا به آهن ته صرف قبر جي ڪناري تائين، شايد سڳو پيءُ به پنهنجي پٽ جي لاءِ اهڙي خواهش نه ڪري سگهندو ته پٽ..! مان چاهيان ٿو، توهان جي جڳھ توهان جي قبر ۾، مان لهان ۽ توهان جي طرف کان نَڪيرَين جا جواب ڏيان. هي پيرن جي پير، پير دستگير، شهبازِ لامڪاني، محبوبِ سبحاني، سيّدنا شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آهن، جيڪي فرمائي رهيا آهن: اي منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا امّتيو! منهنجي خواهش ته هي آهي ته توهان مان ڪنهن کي  به قبر جي وحشت ۽ اڪيلائي جو منهن نه ڏسڻو پوي، توهان مان ڪنهن جي به قبر جهنّم جو کڏو نه بڻجي، مان خود توهان جي قبر ۾ لهان ۽ توهان جي طرف کان نڪيرين جي سوالن جا جوابَ به خود ئي ڏيان ته جيئن توهان جي قبر جنّت جي باغن مان باغ بڻجي وڃي ۽ توها نجات ماڻي وڃو...!!

ایمان اس کا بچ گیا شیطان سے، جو تیرے       ہے سلسلے میں آ گیا بغداد والے مرشد([1])

   الله پاڪ حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي ڪروڙين رحمتن جو نزول فرمائي. ڪاش! اسان اوهان جا ڪامل مريد بڻجي وڃون.

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مختصر تعارف

حضورغَوْثِ اعْظَمْ، شيخ سيدعبْدُالقادرجِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مشهور هستي آهن * پاڻ جو نالو پاڪ: عبدُ القادر ۽ ڪنيت: ابو محمد آهي * محيُ الدّين (يعني دين کي زندھ ڪرڻ وارا) ۽ غوثُ الثَّقَلين (يعني  جنن ۽ انسانن جا غوث، مددگار) سندس مشهور لقبَ آهن.

تُو ہے وہ غَوْث کہ ہر غوث ہے شیدا تیرا      تُو ہے وہ غَیْث کہ ہر غَیْث ہے پیاسا تیرا

وضاحت: يعني اي اسان جا پيارا غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه! اوهان غوث پاڪ آهيو جو


 

 



[1] ...وسائلِ بخشش، صفحہ:546۔