Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

هر غوث اوهان جو عاشق آهي، اوهان بارش جو اهو ناياب پاڻي آهيو جو خود بارش به ان جي اڃاري آهي.

  * حضور غوثِ اعظم، شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن جي ولادت باسعادت پهرين رمضان سن 470 هجري تي جيلان ۾ ٿي. * 91 سال هن دنيا ۾ تشريف فرما رهيا * 561 هجري ۾ پاڻ دنيا مان پردو فرمايائون([1]) * پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ولين جا ولي آهن، پيرن جا پير آهن، پيرِ دستگير، روشن ضمير، سلطانُ الاوليا آهن * جهڙيءَ طرح پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ولايت ۾ بلند رتبو رکن ٿا * اهڙيءَ طرح علم ۾ به بلند مقام جا مالڪ آهن * پاڻ پنهنجي زماني جا سڀ کان وڏا مفتي هئا * باقاعده فتوائون به لکندا هئا ۽ مدرسي ۾ پڙهائيندا به هئا.

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مُحيُ الدّين آهن

   پيارا اسلامي ڀائرو!  5هين صدي هجري يعني جنهن دور ۾ حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن تشريف کڻي آيا، ان وقت امّتِ مسلمه ڪيئي آزمائشن جو شڪار هئي، مسلمانن جي عقيدن ۽ نظرين تي حملا ٿي رهيا هئا، بدمذهبي پکڙجي رهي هئي، مسلمانن جي اخلاق ۽ ڪردار کي زخمي ڪيو پئي ويو، ڪافر سازشون ڪري رهيا هئا. اُندلس (موجوده اسپين) ۾ مسلم حڪومت دم ٽوڙي رهي هئي، مصر ۾ ڪافرن جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ عراق ۾ حَسَن صبّاح (نالي منافق ۽ ظالم شخص) جي تعظيم قتل وغارت ۽ لُٽ مار مچائي رهي هئي ۽ بغداد شريف جيڪو ان وقت دارُ الخلافه هو، اتان جا حالات اهڙا هئا جو چيو ويندو هو:

قَارُوْنُ لَوْ حَلَّ بِہَا                                                                                                                                                 جَازَتْ عَلَیْہِ الصَّدَقَۃُ

  يعني قارون جهڙو وڏو امير شخص به جيڪڏهن بغداد ۾ رهائش اختيار ڪري


 

 



[1] ...غوث پاک کے حالات، صفحہ:15بتغیر قلیل۔