Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

ته (اتان جا حالات، مهانگائي ۽ اخراجات جي وجھ سان ايترو ڪنگال ٿي ويندو جو) ان کي به زڪوٰة لڳي سگهندي.

   حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اهڙي نازڪ حالات ۾ دين جي خدمت ڪئي، امّتِ مسلمه جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سهارو ڏنو، دين جي اصل تعليمات کي زندھ ڪيو ۽ مسلمانن جي اخلاق ۽ ڪردار ۾ قرآن ۽ سنّت ۽ ديني تعليمات جو نور ڀري ڇڏيو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي انهن خدمتن جي  ڪري کيس مُحيُ الدين (يعني دين کي زندھ ڪرڻ وارا) چيو ويندو آهي.

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا                    اُونچے اُونچوں کے سَروں سے قدَم اعلیٰ تیرا

تُو حُسینی حَسَنی کیوں نہ مُحْیُ الدِّیْں ہو                       اے خِضَرمَجْمَعِ بَحْرَیْن ہے چشمہ تیرا

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا ايمان افروز بيانَ

   حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دين جي خدمت جي لاءِ تَدريس ۽ بيانات جو شعبو اختيار فرمايو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي مدرسي ۾ باقاعده علمِ دين پڙهائيندا هئا * حضور غوثِ پاڪ، شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هفتي ۾ 3 ڏينهن بيان فرمائيندا هئا * ابراهيم بن سعد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضور غوثِ پاڪ عالمن وارو لباس پهريندا ۽ بلند جڳھ (مثال طور منبر وغيره تي) ويهي ڪري بيان فرمائيندا هئا * حضور غوثِ پاڪ فرمائن ٿا: شروع ۾ مون وٽ ٻه يا ٽي ماڻهو ويهندا هئا، پوءِ آهسته آهسته ماڻهن جو ميڙ ٿيڻ لڳو، ماڻهو پَري پَري کان گهوڙن، خچرن ۽ اُٺن وغيره تي سوار ٿي ڪري بيان ٻڌڻ جي لاءِ ايندا هئا، اُن وقت تقريباً 70 هزار جو اجتماع ٿيندو هو (بعد ۾ ان اجتماع جو تعداد اڃان وڌيڪ ٿي ويو هو).([1])

   غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا شهزاده حضرت عبدُالوهاب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: غوثِ


 

 



[1] ...بهجة الاسرار، صفحہ:177۔