Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

جا نه، آخرت جا طلبگار هئا، توهان به آخرت جو فڪر ڪرڻ وارا بڻجو! اهي مال جا نه، بلڪه نيڪين جا حريص هئا، توهان به نيڪين جا حريص بڻجي وڃو! اهي خوفِ خدا ۾ روئڻ وارا هئا، توهان به روئيندا ڪيو! اهي ربِّ ڪريم کي ياد ڪرڻ وارا هئا، توهان به ذڪرُ الله ڪندا ڪيو! انهن جا اخلاق اعلٰي هئا، انهن جا ڪردار پاڪيزه هئا، اهي پنهنجي پرائي جو غم ڪندا هئا، اهي پاڻ ۾ ملي جلي ڪري رهندا هئا، اهي ٻين جي لاءِ قربانيون ڏيندا هئا، اهي سراپا ايثار هئا، نرم گفتار هئا، توهان به ايئن بڻجي وڃو! پوءِ ڏسجو، جيئن توهان جي بزرگن تي ربّ جون رحمتون ڇماڇم وسنديون هيون، توهان تي به ربِّ رحمٰن ۽ رحيم جون رحمتون اهڙيءَ طرح وسڻ شروع ٿي وينديون.

هڪ صاحبِ علم جو فڪر انگيز جواب

   هڪ صاحبِ علم کان ڪنهن سوال ڪيو: سڄي دنيا ۾ مسلمان پيسجي رهيا آهن، غريب غربت ۾ ٻڏندا پيا وڃن، مسلمانن تي ظُلم ۽ سِتم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن، آخر الله پاڪ ڪٿي آهي؟ الله پاڪ انهن جي مدد ڇو نه ٿو ڪري (مَعاذَ الله! هي تمام سخت بي ادبي وارا جملا آهن پر اسان وٽ ماڻهو اهڙا جملا ڳالهائيندا آهن، اهڙا سوال ڪندا آهن) ته ان صاحبِ علم تمام پيارو جواب ڏنو، چيائين: مان هڪ شخص کي سڃاڻان ٿو، ان جي عمر 60 يا 70 سال جي ويجهو آهي، نه ان جو اولاد آهي، نه ان جو ڪو والي وارث آهي، ڪم ڪار ڪجھ به ناهي ڪندو، ان وٽ 2 وقت جي مانيءَ جا پيسا به ناهن هوندا، ماڻهو ترس کائي ڪري ان کي کاڌو يا پيسا وغيره ڏيندا آهن، اهڙي ڪمزور حالت آهي پر افسوس! اهو بلڪل پوڙهو به آهي، غريب به آهي، کائڻ جا پيسا ناهن هوندا، ان جي باوجود اهو پابنديءَ سان شَيۡو (يعني ڏاڙهي ڪوڙائيندو) آهي، ان عمر ۾ به مسجد ناهي ويندو، نماز ناهي پڙهندو، الله پاڪ کي ياد ناهي ڪندو.

  هاڻي ٻڌايو! هتي هي سوال نه ٿو بڻجي  ته الله پاڪ ڪٿي آهي؟ مدد ڇو نه ٿو