Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

هفتي ۾ دنيا مان هليو ويندو.

بندہ قادر کا بھی قادربھی ہے عبدالقادر             سِرِّ باطن بھی ہے ظاہر بھی ہے عبدالقادر

مفتئ شرع بھی ہے، قاضِئ ملّت بھی ہے           عِلْمِ اَسْرار سے ماہِر بھی ہے عبد القادر

ذی تَصَرُّف بھی ہے ماذون بھی مختار بھی ہے         کارِ عالَم کا مدبِّر بھی ہے عبدالقادر([1])

وضاحت: اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عبدُ القادر آهن يعني قدرتن واري ربِّ ڪريم جا ٻانها آهن، الله پاڪ کيس قدرت عطا فرمائي آهي، پاڻ ظاهر ۽ باطن جا رازدار آهن، شريعت جا مفتي به آهن، ملّت جا قاضي به آهن، باطني علوم جا ماهر به آهن، الله پاڪ کيس اختيارات عطا فرمايا آهن، کيس زماني جي تدبيرن جي اجازت به عطا ڪئي وئي آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

(2): اصلاحِ امّت جو درد

 ٻي نمبر تي هن واقعي ۾ غور فرمايو! حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دل ۾ امّت جي خير خواهي ۽ اصلاح جو ڇا ته جذبو هو...!! سندس  شاگرد تمام ذهن جو ڪمزور  آهي، پهريان ته هي جو اسان وٽ ڪجھ استادن جو هي رويو هوندو آهي جو ڪند ذهن شاگردن کي ٽُوڪيندا، ماريندا، دڙڪا ڏيندا آهن بلڪه ڪڏهن ڪڏهن هي به چئي ڇڏيندا آهن ته وڃ! ڪم وڃي ڪر! پڙهڻ تنهنجي وس جي ڳالھ ناهي.

   پر قربان وڃو! حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ڪندُ ذهن شاگرد کي مدرسي مان ڪڍيو نه، پاڻ ڄاڻين پيا ته هن کي پڙهي ڪري ڪو وڏو عالِم ناهي ٿيڻو، ان جي ذريعي علمِ دين جو نور نه پکڙجندو بلڪه هي


 

 



[1] ...حدائقِ بخشش، صفحہ:69ملتقطاً۔