Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

ويچارو ته عالِم دين بڻجڻ کان پهريان ئي دنيا مان هليو ويندو، ان جي باوجود پاڻ اُن تي محنت ڪن ٿا، مشقت برداشت ڪن ٿا ۽ ان کي پڙهائيندا رهندا ٿا ته جيئن هي علمِ دين سان جڙيل رهي، مدرسي ۾ ايندو رهي جو علمِ دين جا جيڪي فضائل آهن اهي ٻين ڪمن جا ناهن.

منہ لگاتا نہیں دُنیا میں جسے کوئی بھی                                                                   بالیقیں اس کے طرفدار ہیں غوثِ اعظم

کھوٹے سکّے جہاں چل جاتے ہیں وہ ہے بغداد       واں نِکمّوں کے خریدار ہیں غوثِ اعظم

ہو کرم! حُسنِ عمل آہ! نہیں ہے کوئی             نہ وظائف ہیں نہ اذکار ہیں غوثِ اعظم([1])

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! هي اصلاحِ امّت جو درد، خير خواهي جو جذبو، ٻين جو ڀلو سوچڻ جي عادت ڪاش! اسان کي به نصيب ٿي وڃي.

قيدي مسلمان کي ڇڏايو!

  545 سن هجري، رمضانُ المبارڪ جي 7 تاريخ هئي،  سومر  شريف جي رات عشاء کان بعد حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  پنهنجي مدرسي ۾ آزمائش جي موضوع تي بيان فرمايو، ان دوران پاڻ فرمايو: جيڪڏهن توهان مان ڪنهن جو پٽ ڪافرن وٽ قيدي هجي ته ڇا توهان ان کي ڇڏرائڻ جي ڪوشش نه ڪندؤ؟ هڪ عارف (يعني الله پاڪ جي سڃاڻ رکڻ وارو ڪامِل مسلمان) ايئن ئي هوندو آهي، تمام مخلوق ان جي لاءِ اولاد جيان آهي ۽ اهو انهن کي نفس ۽ شيطان جي قيد کان ڇڏرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي.([2])

      سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! ڪيڏو خوبصورت ڪلام آهي...!! ان ۾ پهريان ته محترم استادن جي لاءِ سبق آهي، استاد کي گهرجي ته پنهنجي شاگرد سان نرميءَ سان


 

 



[1] ...وسائلِ بخشش، صفحہ:560-561ملتقطاً۔

[2] ...الفتح الربانی،المجلس الثالث والخمسون، صفحہ:202۔