Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

   ڪاش! اسان کي به هي جذبو ملي وڃي، اسان به پنهنجي مسلمان ڀائرن جا خيرخواھ بڻجون، اسان پاڻ به نفس ۽ شيطان جي چالبازين کان بچون، پاڻ به نيڪ ڪم ڪيون، گناھن کان بچون ۽ ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏيندا رهون،

جو ہیں وَقْف سُنّت کی خدمت کی خاطِر            انہیں حشر میں بخشوا غوثِ اعظم

جوروزانہ دیتے ہیں نیکی کی دعوت              انہیں حشر میں بخشوا غوثِ اعظم

سفر قافلے میں جو کرتے ہیں ہر ماہ              انہیں حشر میں بخشوا غوثِ اعظم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

غوثِ پاڪ جي مبارڪ زندگي جو هڪ اَهم مقصد

   شوّالُ المُڪرم، 545 هجري، جمعي جو ڏينهن هو، حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي مدرسي ۾ مسلمانن ڀائرن جي خيرخواهي جي موضوع تي بيان ڪيو، بيان جي دوران پاڻ فرمايائون: پاڪ آهي اها ذات جنهن منهنجي دل ۾ مخلوق جي خيرخواهي جو جذبو وڌو ۽ مخلوق جي خيرخواهي ڪرڻ منهنجي زندگي جو مقصد بڻايو. بيشڪ مان توهان کي نصيحت ڪرڻ وارو آهيان، مان ان تي توهان کان ڪا جزاء نه ٿو گهران، منهنجي خوشي انهيءَ ۾ آهي ته توهان ڪامياب ٿي وڃو! جيڪڏهن توهان هلاڪ ٿي ويؤ ته مون کي غَم ٿيندو.([1])

اسیروں کے مشکل کشا غوثِ اعظم            فقیروں کے حاجت رَوَا غوثِ اعظم

گِھرا ہے بلاؤں میں بندہ تمہارا                  مدد کے لئے آؤ یاغوثِ اعظم


 

 



[1] ...الفتح الربانی، المجلس السادس، صفحہ:41۔