Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

پاڪ جي محفل ۾ وڏا وڏا عالِم سڳورا ۽ مشائخ حاضر ٿيندا هئا * ان ۾ 400 وڏا وڏا عالم سڳورا ته اهي هئا جيڪي باقاعده ڪاغذ، قلم کڻي سندس فرمانَ ۽ ارشادَ لکندا هئا([1]) * شيخ عمر ڪيماني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪڏهن ايئن نه ٿيو جو پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  بيان فرمايو هجي ۽ محفل ۾ ڪنهن توبھ نه ڪئي هجي.

سندن بيان ٻڌي ڪري لازمي طور ڪو نه ڪو شخص توبھ ڪندو غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويندا هئا([2]) * غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڻ فرمائن ٿا: منهنجي هٿ تي 5 هزار کان وڌيڪ غير مُسۡلمن اسلام قبول ڪيو ۽ لکَ کان وڌيڪ گنھگارن توبھ ڪئي.([3])

بیاں سُن کے توبہ گنہگار کر لیں                   زباں میں وہ دیدو اَثَر غوثِ اعظم!

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ ڪمال اخلاص

   بَهجَةُ الاسرار شريف ۾ آهي: حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا شهزاده شيخ عبدُ الوهاب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه علمِ دين سکڻ جي لاءِ پري پري جو سفر ڪيو، ڪافي عرصي تائين پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه علمِ دين سکندا رهيا، جڏهن علمِ دين سکي ڪري بغداد شريف واپس آيا ته هڪ ڏينهن پنهنجي والد محترم حضورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ عرض ڪيائون: مان چاهيان ٿو ته مان اوهان جي موجودگيءَ ۾ بيان ڪيان. غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن اجازت عطا فرمائي، بهرحال جڏهن محفلِ پاڪ سجائي وئي. ماڻهو جمع ٿي ويا، شيخ عبدُ الوهاب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون بيان شروع ڪيو، والدِ محترم حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به تشريف فرما هئا، مون کوڙ سارا علمي نُڪتا بيان ڪيا،


 

 



[1] ...بهجة الاسرار،  صفحہ:184۔

[2] ...قلائد الجواہر، صفحہ:93۔

[3] ...قلائد الجواہر، صفحہ:96۔