Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

ٽُٽن ۽ اسان زندگيءَ جي بازي هاري  ڪري موت جي رستي قبر جي گهرائيءَ ۾ لهي وڃون، ان ڪري هاڻي موقعو آهي، زندگي مليل آهي، ساھ هلي رهيو آهي، اچو! حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان تي عمل ڪندي توبھ ڪري وٺون ٿا، اڄ تائين جيترا به گناھ ٿيا، انهن سڀني کان سچي پڪي توبھ به ڪيون، توبھ جا تقاضا به پورا ڪيون يعني قضا نمازون ذمي هجن ته ادا ڪيون، روزا قضا هجن ته رکون، ڪنهن جو ڪو حق ڏيڻو هجي ته ادا ڪيون، ڪنهن جي دل آزاري ٿي وئي هجي ته معاف ڪَرايون ۽ توبھ ڪري چڱي، نيڪين واري زندگي گذارڻ شروع ڪيون.

توبھ جي فضيلت تي 2 حديثون

 (1): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ کَمَنْ لَّاذَنْبَ لَہٗ يعني گناھن کان توبھ ڪرڻ وارو اهڙو آهي ڄڻ ان ڪڏهن ڪو گناھ ڪيو ئي نه هجي.([1]) (2): هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: جڏهن ٻانهو پنهنجي گناھن کان توبھ ڪندو آهي ته الله پاڪ گناھ لکڻ وارن فرشتن کي ان جا گناھ وسارائي ڇڏيندو آهي، اهڙيءَ طرح ان جي عضون (يعني هٿن پيرن) کي به وساري ڇڏيندو آهي، اهڙيءَ طرح زمين تي نشانن کي به مٽائي ڇڏيندو آهي. ايستائين جو قيامت جي ڏينهن جڏهن اهو الله پاڪ سان ملندو ته الله پاڪ جي طرف کان ان جي گناھن تي ڪو گواھ نه هوندو.([2])

نيڪ ماڻهن جهڙا بڻجي وڃو...!!

 3 شوالُ المڪرم، ڇنڇر جو ڏينهن هو، حضو غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه صبح جي وقت بيان فرمايو، ان بيان مبارڪ ۾ غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ نهايت پياري


 

 



[1] ...ابن ماجہ، کتاب الزہد، باب ذکر التوبۃ، صفحہ:689، حدیث:4250۔

[2] ...الترغیب والترہیب، کتاب التوبۃ والزہد، صفحہ:987، حدیث:17۔