Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

  پيرانِ پير، پير دستگير حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي زندگيءَ جو هڪ ڊگهو عرصو مجاهدات ۾گذاريو، جڏهن پاڻ بغداد شريف ۾ علمِ دين پڙهندا هئا، سندس معمول (Routine) هوندو هو ته مدرسي مان سبقَ پڙهي ڪري جهنگلن جي طرف نڪري ويندا هئا، اتي سبق ياد ڪندا ۽ عبادت ۾ به مصروف رهندا هئا، انهيءَ زماني جي ڳالھ آهي، هڪ ڏينهن حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪنهن غار جي ويجهو هڪ پٿر ڏٺو، ان تي هڪ درودِ پاڪ لکيل هو، گڏوگڏ هي به لکيل هو ته هي درودِ پاڪ (جيڪو پٿر تي لکيل آهي)، ان کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان 50 هزار درود شريف جو ثواب ملندو آهي، حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اهو درود شريف لکي ورتو ۽ ان کي پڙهڻ لڳا، بعد ۾ هڪ ڏينهن کين خواب ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ٿي، پاڻ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان انهيءَ درود شريف جي باري ۾ پڇيو: (ته ڇا واقعي  هيءُ درود شريف پڙهڻ سان 50 هزار درود شريف جو ثواب ملندو آهي؟) پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: نه، ان درود شريف کي پڙهڻ سان 50 هزار نه بلڪه 70 هزار درود شريف