Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

   اچو! حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي انهن انقلابي بيانن مان علم ۽ حڪمت ۽ نصيحت جا مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا:

زندگيءَ کي غنيمت ڄاڻيو...!

   10 شوالُ المڪرم، 545 هجري، آچر جو ڏينهن هو، صبح جي وقت حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي مدرسي ۾ توبھ جي موضوع تي بيان فرمايو: ان بيان جي شروعات پاڻ هڪ حديثِ پاڪ سان ڪئي، فرمايائون:

   الله پاڪ جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ فُتِحَ لَہٗ بَابٌ مِّنْ خَیْرٍ جنهن جي لاءِ ڀلائيءَ جو دروازو کوليو وڃي، فَلْیَنْتَہِزْہُ ته ان کي گهرجي ته ڊوڙي ڪري ڀلائيءَ جي ان دروازي ۾داخل ٿي وڃي فَاِنَّہٗ لَا یَدْرِیْ مَتیٰ یُغْلَقُ عَلَیْہِ ڇوته  اهو نه ٿو ڄاڻي ته هي دروازو ان جي لاءِ ڪڏهن بند ڪيو ويندو.([1])

   هي حديث پاڪ بيان ڪرڻ کان بعد حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: اي انسانو...! ڊوڙو...! جيستائين زندگيءَ جو دروازو کليل آهي، پنهنجي ساھ کي غنيمت ڄاڻيو! عنقريب هي دروازو بند ڪيو ويندو. جيستائين توهان ۾ طاقت ۽ همت آهي، نيڪ اعمال کي غنيمت ڄاڻيو! جيستائين توبھ جو دروازو کليل آهي، ان کي غنيمت ڄاڻيو! دعا جو دروازو کليل آهي، دعا گهرڻ کي غنيمت ڄاڻيو! نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ جو دروازو کليل آهي، ان کي غنيمت ڄاڻيو!

   اي انسانو! توهان جيڪو نقصان ڪري ورتو، ان کي پورو ڪيو! جيڪا (گناھن جي نجاست) دامن تي لڳائي ويٺا آهيو، ان کي ڌوئي ڇڏيو! جيڪي برايون ڪيون اٿَوَ، انهن کي درست ڪيو...! دل تي جيڪا گناھن جي ميراڻ چاڙهي ويٺا آهيو، ان کي صاف ڪيو! جيڪو توهان (ناحق) ورتو آهي، اهو


 

 



[1] ...زُہد لابن مبارک،صفحہ:76، حدیث:117 ۔