Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

پنهنجي چونڊيل رسولن کي علمِ غيب عطا فرمائيندو آهي. آئمّهءِ ڪرام هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان فرمائن ٿا: علمِ غيب ٻن طرح جو آهي: (1): هڪ خاص علمِ غيب: هي صرف انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام کي عطا ڪيو ويندو آهي ۽ (2): ٻيو اهو علمِ غيب جيڪو رسولن سان خاص ناهي بلڪه الله پاڪ انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام جي واسطي يا الهام جي ذريعي اولياءِ ڪرام جي دلين ۾ ڪجھ علمِ غيب جون ڳالهيون وجهي ڇڏيندو آهي.([1])

   بهارِ شريعت ۾ آهي: انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام غيب جون خبرون ڏيڻ جي لاءِ ئي ايندا آهن جو جنّت، دوزخ، حشر نشر، عذاب، ثواب (هي سڀ ڳالهيون) غيب ناهن ته ٻيو ڇا آهن؟ انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام جو منصب ئي هي آهي ته اهي ڳالهيون ٻڌائين جن تائين عقل ۽ حواس (يعني اک، ڪن وغيره) جي پهچ ناممڪن آهي ۽ انهيءَ جو نالو غيب آهي. ولين کي به علمِ غيب عطا ٿيندو آهي پر انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام جي واسطي سان. ([2])

اولياءِ ڪرام جي نگاھِ ڪرامت جو ڪمال

   بخاري شريف ۾ حديثِ قدسي آهي، هن ۾ الله پاڪ اولياءِ ڪرام جو شان بيان فرمايو، هن حديثِ قدسي ۾ هي به آهي ته الله پاڪ فرمائي ٿو: جڏهن مان پنهنجي ڪنهن ٻانهي کي فرمائيندو آهيان ته  کُنْتُ بَصَرُہُ الذِّیْ یُبْصِرُ بِہٖ مان ان جي اک بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو ڏسندو آهي.([3])

   مطلب هي ته جڏهن ٻانهو الله پاڪ سان محبت ڪندو آهي ۽ الله پاڪ ان کي پنهنجو محبوب بڻائيندو آهي، تڏهن اهو ٻانهو فَنَا فِي الله جي درجي تي پهچي ويندو آهي، هاڻي ان جي عضون ۾ خُدائي (يعني الله پاڪ جون ڏنل خاص)


 

 



[1] ... شرح مقاصد،المقصد السادس،الفصل الاول،المبحث الثامن: الولی، جلد:3، صفحہ329-330۔

[2] ...بہارِ شریعت ، جلد:1، صفحہ:46، حصہ:1بتغیر قلیل۔

[3] ...بخاری، کتاب الرقاق، باب التواضع، صفحہ:1597، حدیث:6502ملتقطاً۔