Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

  الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان درود شريف پڙهڻ جي توفيق نصيب فرمائي! شجريه عاليه قادريه رضويه عطّاريه ۾ درود غوثيه لکيل آهي، اچو! حُصولِ برڪت جي لاءِ پڙهي وٺون ٿا:

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا وَ مَوْلَانَا مُحَمَّدٍ

مَّعْدِنِ الْجُوْدِ وَ الْکَرَمِ وَ آلِہٖ وَ بَارِکْ وَ سَلِّمْ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ  عَلٰي مُحَمَّد

بس هڪ هفتي جي مشقت رهندي آهي...!!

   حضرت احمد بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيان ڪن ٿا: هڪ عجمي (يعني جيڪو عربي نه هجي) شخص جنهن جو نالو اُبَّي هو، اهو پيرانِ پير، پير دستگير حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو شاگر هو، اهو شخص ذهن جو تمام ڪمزور هو، وڏي محنت ۽ ڪوشش سان سمجهائڻ جي باوجود مسئلو سمجهي نه سگهندو هو پر حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪمال شفقت، مهرباني (Kindness) ۽ طالبِ علمِ دين سان لڳاءُ هو جو پاڻ نهايت ئي محنت سان ان کي سبق پڙهائيندا هئا، ان کي سمجھ نه ايندو هو ته پاڻ باربار سمجهائيندا هئا.

  احمد بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي شاگرد کي نهايت ئي محنت سان سبق پڙهائي رهيا هئا، انهيءَ دوران اِبنِ سمحل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به اتي اچي ويو، جڏهن اِبنِ سمحل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڏٺو ته غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان طالبِ علم دين کي ديني سبق پڙهائڻ ۾ تمام گهڻي محنت ۽ مشقت ڪري رهيا آهن ته حيران ٿيا، جڏهن اهو طالبِ علم سبق پڙهي هليو ويو ته ابنِ سمحل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عرض ڪيو: مون کي وڏي حيراني آهي جو اوهان هڪ ڪندُ ذهن کي پڙهائڻ جي لاءِ ايڏي محنت ۽ مشقت ڪري