Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

جو ثواب ملندو آهي.([1])

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جون پنهنجي محبوب جي امّت جي مٿان ڪرم نوازيون ڏسو! جيڪو ٻانهو هڪ ڀيرو درود شريف پڙهي، روايتن جي مطابق ان کي 10 نيڪيون ملنديون آهن، 10 گناھ معاف ٿيندا آهن ۽ 10 درجات بلند ڪيا ويندا آهن.([2]) هيءَ ئي ڪرم نوازي ڪيڏي عظيم آهي جو هڪ ڀيرو درود شريف پڙهڻ سان ايڏو ثواب ملي، پوءِ ان تي وڌيڪ ڪرم مٿان ڪرم هي ته کوڙ اهڙا درود شريف آهن، جن کي صرف هڪ ڀيرو پڙهڻ سان صرف هڪ درود شريف جو نه بلڪه ڪيئي هزار درود شريف پڙهڻ جو ثواب ملندو آهي، ڪتابن ۾ اهڙا کوڙ درود شريف لکيل آهن، جن کي پڙهڻ سان هڪ لک درود شريف جو ثواب ملندو آهي ۽ حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن پٿر تي لکيل جيڪو درود شريف ڏٺو، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن خواب ۾ تشريف آڻي ڪري ٻڌايو ته هن کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان 70 هزار درود شريف جو ثواب ملندو آهي سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه!

   ڪاش! اسان انهن ڪرم نوازين جو قدر ڪري سگهون. اسان جا پير حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اي امّتِ محمد! الله پاڪ جو شڪر ڪندا ڪيو جو پهريون امّتون جيترو عمل ڪنديون هيون، الله پاڪ انهن جي نسبت توهان جي ٿوري عمل تي ئي راضي ٿي ويندو آهي. وڌيڪ فرمائن ٿا: مسجد کي لازم پڪڙيو ۽ نبيءِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪثرت سان درود شريف پڙهندا ڪيو!([3])

پڑھتا رہوں کثرت سے درود ان پہ سدا میں                                              اور ذِکْر کا بھی شوق پئے غوث و رضا دے


 

 



[1] ...سعادۃ الدارین، صفحہ:256۔

[2] ...سنن الکبری امام نسائی، کتاب صفۃ الصلاۃ، جلد:1، صفحہ:385، حدیث:1220۔

[3] ...الفتح الربانی، المجلس الثانی، صفحہ:24-25بتقدم وتآخر۔