Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

وَ نُقَلِّبُ اَفْـٕدَتَهُمْ وَ اَبْصَارَهُمْ  (پاره:7،سورۂ اَنْعَام:110)     

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان انهن جي دلين ۽ اکين کي ڦيري ڇڏينداسين.

الله پاڪ جي پناھ! الله پاڪ جي پناھ! ڪيتري عبرت جي ڳالھ آهي، گُنَاھ ڪرڻ سان، الله و رسول جي نافرماني جي سبب دِليون ڦيريون وينديون آهن۔

دِليون ڦيرجڻ جون 3 نشانيون

حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هي آيت بيان ڪري فرمائن ٿا: دِل بدلجڻ جون 3 نشانيون آهن: (1): اطاعت ۾ لذّت نه ماڻڻ (2): گُنَاھ کان خوف نه ڪرڻ (3): ڪنهن جي موت کان عبرت نه وٺڻ۔([1])

انهن ٽنهي نشانين کي سامهون رکي اسان پنهنجي دِل جي حالت تي ٿورو غور ڪريون، اڄ اسان جي حالت ڪجھ اهڙي ئي آهي * گُنَاهن ۾ اهڙي لذّت ملي ٿي جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري ويندا آهن، اِحسَاس تائين ناهي ٿيندو * ها! نمازن ۾ اسان جي دِل ناهي لڳندي * فُضُول ڪمن ۾ مَصرُوف هجون ته وقت جو فِڪر ئي ناهي هوندو * تلاوت ڪرڻ ويهي رهون ته هيڏانهن هوڏانهن جا ڪم ياد اچڻ لڳن ٿا * رمضان المبارڪ اچي ته ڪڏهن گرمي جو بهانو، ڪڏهن ڪم ڪار جو فِڪر، روزا رکڻ لاءِ دِل مائِل ئي ناهي ٿيندي * ۽ ڪنهن جي موت کان عِبْرت وٺڻ جي حالت ته اهڙي آهي جو بعض دفعه ماڻهو جنازو پڙهڻ واري جاءِ ۾ بيهي به ٽهڪ لڳائي رهيا هوندا آهن۔ افسوس! اسان جي دِل جي هي نازُڪ حالت، غفلت جا پردا، دِل جي ڪاراڻ...!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي فِڪر ڪرڻ گھرجي ته ڪٿي هيئن ته نه آهي جو گُنَاهن جي نحوست اسان کي جڪڙي چڪي آهي، اسان جون دِليون ڦيرائيون ويون آهن ۽ اسان کي هن جو اِحسَاس تائين نه آهي۔


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:66، جلد:1، صفحہ:454۔