Book Name:Nafarmani Ka Anjam
پنهنجي رَبِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ جھڪي وڃون، نافرمانين کان پاسو ڪريون، ڪاش! اسان کي سچي توبه جي توفيق مِلي وڃي ۽ الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا فرمانبردار ٻانها بڻجي وڃون۔
گناہوں کی نحوست بڑھ رہی ہے دَم بدَم مولا
میں توبہ پر نہیں رِہ پا رہا ثابِت قدم مولا
کمر توڑی ہے عصیاں نے، دبایا نفس و شیطاں نے
نہ کرنا حشر میں رُسوا، مرا رکھنا بھرم مولا
گناہوں نے مجھے ہائے کہیں کا بھی نہیں چھوڑا
کرم ہو از طفیلِ سیدِ عرب و عجم مولا([1])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جو فضل آهي، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪرم آهي جو الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ سندن اُمَّت کي رُسوا ناهي ڪندو، اسان گُنَاھ به ڪيون ٿا ته اسان تي اڳوڻين قومن جيان اجتماعي عذاب نه ٿا اچن، اسان جا چهرا نٿا بگاڙيا وڃن، هن اُمّت کي اڳوڻين اُمّتن جيان باندر ۽ خنزير نٿو بڻايو وڃي پر ياد رکو! الله پاڪ جي نافرماني جو نتيجو ته بهرحال نڪري ئي ٿو۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا: اڳوڻين اُمّتن جو عذاب جسماني خَسۡف ۽ مَسۡخ هو (يعني پهرين واريون اُمّتون نافرماني ڪنديون هيون ته انهن کي زمين ۾ دٻايو ويندو هو، انهن جا چهرا بگاڙيا ويندا هئا، ڪو باندر بڻجي ويندو هو، ڪو خنزير(سوئر) بڻجي ويندو هو) پر هن اُمّت جو عذاب روحاني خَسف ۽ مَسخ آهي، پهريان جسم بدلجندا هئا، هاڻي دِليون ڦيريون وينديون آهن۔([2]) الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو: