Book Name:Nafarmani Ka Anjam
اللهُ اَڪبر! معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جي نافرماني ۽ گُنَاهن جي سبب زمين ۾ فساد برپا ٿيندو آهي، ڏڪار پوندو آهي، برساتون رُڪجي وينديون آهن، فصل تباھ ۽ برباد ٿي ويندا آهن، وبائون پکڙجن ٿيون ۽ خبر ناهي ڪيترا ڪيترا فساد زمين ۾ ظاهر ٿين ٿا۔
حضرت مُجَاهد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن ڏڪار شِدَّت اختيار ڪندو آهي، برساتون رڪجي وينديون آهن ته جانور نافرمانن تي لعنت موڪليندا آهن ۽ چوندا آهن: هي ڏڪار انسان جي گُنَاهن جي ڪري آهي۔([1])
اي عاشقانِ رسول ! غور فرمايو! هن کان وڌيڪ ٻي ذِلّت ڪهڙي هوندي جو انسان اشرفُ المخلوقات آهي پر جڏهن هي گُنَاھ ڪري ٿو، ان جون نافرمانيون حد کان وڌن ٿيون ته جانور جيڪي اسان کان ڪيئي ڀيرا گھٽ آهن، اهي به انسان کي بُرو ڀلو چوَن ٿا۔ معلوم ٿيو؛ جيڪو نافرمان آهي، هو پنهنجي فضيلت وڃائي ويهندو آهي ۽ انسانيت واري درجي کان ڪِري ذِلّت جي اونهي کڏ ۾ ڪري پوندو آهي۔
اي عاشقانِ رسول! نافرماني صِرف دُنيا ۾ نه، قبر ۽ آخرت ۾ به ذِلَّت جو سبب آهي۔ عَلّامه اِبنِ حجر مڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن مان ننڍو هئس ته پابندي سان پنهنجي والِد صاحب جي قبر تي حاضري ڏيندو هئس ۽ قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪندو هئس۔ هڪ ڀيري رمضان المبارڪ ۾ فجر نماز کان فوراً بعد قبرستان ويس، ان وقت قبرستان ۾ منهنجي عِلاوه ڪو ٻيو نه هو، مان والِد صاحِب جي قبر وٽ ويهي قرآنِ ڪريم جي تِلاوت شروع ڪئي، اڃا ڪجھ ئي دير گذري هئي جو اوچتو مون کي روئڻ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو۔ روئڻ وارو هر هر