Book Name:Nafarmani Ka Anjam
پر مرڻ کان بعد قبر ۾ پردو کڄي ويندو، توهان انهن درندن کي ڏسي وٺندؤ۔ هائو! توهان پنهنجي اکين سان ڏسي وٺندؤ ته گُنَاهن وڇوئن ۽ نانگن جي شڪلن ۾ توهان کي گھيري ورتو آهي، يقين مڃو! هي بُريون خصلتون، گنديون عادتون در حقيقت خوفناڪ درندا ئي آهن، جيڪي هن وقت توهان سان موجود آهن پر انهن جون ڀيانڪ شڪلون توهان کي قبر ئي ۾ نظر اينديون، سٺو اهوئي آهي جو موت کان پهريان پهريان انهن درندن کي ماري ڇڏيو! گُنَاھ ڇڏي ڏيو! ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! گُنَاھ ۽ نافرماني سخت هلاڪ ڪندڙ آهي، مسلمانن جي ٻئين خليفي، اَمِيرُالمُؤمنين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: گُنَاھ توڙي جو هڪ ئي هجي، پاڻ سان 10 بُرائيون آڻي ٿو: (1): گُنَاھ ڪرڻ وارو الله پاڪ کي غضب ڏياري ٿو (2):گُنَاھ ڪرڻ وارو اِبليس (يعني شيطان) کي خوش ڪري ٿو (3): گُنَاھ ڪرڻ وارو جنّت کان پري ۽ (4): جهنّم جي قريب ٿي ويندو آهي (5): گُنَاھ ڪرڻ وارو پاڻ، پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪري ٿو (6): گُنَاھ ڪرڻ وارو پنهنجي باطِن کي ناپاڪ ڪندو آهي (7): گُنَاھ ڪرڻ وارو عمل لکڻ وارن ملائڪن کي تڪليف ڏي ٿو (8): گُنَاھ ڪرڻ وارو نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي غمگين ڪري ٿو (9): گُنَاھ ڪرڻ وارو زمين و آسمان کي پنهنجي خِلاف گواھ بڻائي ٿو (10): گُنَاھ ڪرڻ وارو انسانن سان خيانت ۽ الله رَبُّ العالمين جي نافرماني ڪري ٿو۔([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اڃا وقت آهي، اسان جا ساھ هلي رهيا آهن، تَوبه جو دروازو کليل آهي، اڄ توبه ڪريون ته گُنَاهن جي معافي جي صُورت بڻجي سگھي ٿي * الله نه ڪري جيڪڏهن گُنَاھ ڪندي ڪندي ئي مَلَڪ المَوت