Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

حضرت منصور بن عَمّار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هو هي ڳالهيون ڪندي روئي رهيو هو، مان ان وٽان اٿي وڃڻ لڳس، اڃا گھر جي دروازي جي ويجھو ئي پهتو هئس جو ان جو انتقال ٿي ويو ۔([1])

 اي عاشقانِ رسول! هي آهي نافرماني جو انجام...! بيشڪ الله پاڪ جي رحمت تمام وڏي آهي، بيشڪ الله پاڪ پنهنجي ٻانهن جي توبه قبول فرمائي ٿو پر ان جو هي مطلب هرگز نه آهي جو اسان توبه جي اُمِّيد تي گُنَاهن ۽ نافرمانين تي دلير ٿي وڃون، توبه وڏي اعليٰ نيڪي آهي پر ان جي توفيق هر هڪ کي ناهي ملندي، بعض اوقات نافرمانين جي وبال جي طور تي دِليون ڦيرايون وينديون آهن، الله پاڪ جي لعنت وسندي آهي ۽ توبه جي توفيق به ناهي ملندي، هيئن ٻانهو بغير توبه ڪري، نافرمانين ۾ غرق ٿي موت جو شڪار ٿي ويندو آهي۔

الله پاڪ اسان کي اهڙي ذِلّت ۽ رُسوائي کان بچائي۔ ڪاش! سچي توبه جي توفيق ملي وڃي۔

بڑی کوششیں کیں گناہ چھوڑنے کی    رہے آہ! ناکام ہم یااِلٰہی!

جو ناراض تُو ہو گیا تو کہیں کا        رہوں گا نہ تیری قسم یااِلٰہی!

مجھے سچی توبہ کی توفیق دیدے       پئے تاجدارِ حرم یااِلٰہی!

آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

نافرماني ذِلَّت ۽ رُسوائي جو سبب آهي

اي عاشقانِ رسول! الله ۽ رسول جي نافرماني ذِلَّت ۽ رُسوائي جو سبب آهي، جيڪو ٻانهو الله پاڪ جون نافرمانيون ڪندو رهي ٿو، توبه نٿو ڪري، الله پاڪ جي طرف رجوع نٿو آڻي، هو الله پاڪ جي بارگاه ۾ ذليل ۽ رُسوا ٿي ويندو آهي ۽ بارگاھ اِلٰهي ۾ ان جي ڪا وُقعَت باقي ناهي رهندي ۽ جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ذليل و رُسوا ٿي وڃي، جنهن جي بارگاھِ رَبُّ العزّت ۾ ڪا وقعت نه رهي، ان کي ڪٿي عزّت ناهي ملندي۔ سيپاري: 17، سورت حَج، آيت: 18 ۾ ارشاد آهي:


 

 



[1]...حکایتیں اورنصیحتیں، صفحہ:44و45۔