Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

3 ڀيرا دُعاءِ مغفرت جي برڪت

امام اَبُو اللَّيث سمر قندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: اڳوڻين قومن ۾ هڪ شخص هو، ان کوڙ گُنَاھ ڪيا هئا، هڪ ڀيري ان پنهنجي اڳوڻي زِندگي بابت سوچيو، گُنَاهن بابت غور ويچار ڪيو ته ان کي شرمساري ٿي، شرمسار ٿي ان ٽي ڀيرا چيو: اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَڪَ، اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَڪَ، اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَڪَ موليٰ! تنهنجي بخشش... اِلٰهي! تنهنجي بخشش، اي الله پاڪ! تنهنجي بخشش۔ انهيء لمحي ان کي موت اچي ويو ۽ الله پاڪ ان جي بخشش فرمائي ڇڏي۔([1]) الله پاڪ اسان کي سچي توبه جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ، گُنَاهن کان بچڻ ۽ نيڪين تي استقامت جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب حصو وٺو! ان جي برڪت سان اِنْ شَاءَ اللهُ الْڪَرِيم! دين و دنيا جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع به آهي۔ اچو! هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت جو ذِهن ماڻڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

گُنَاهن ڀري زِندگي ۾ مدني انقلاب

ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زِندگي گذاري رهيو هئس، دُنيوي لذّتن ۾ مَصرُوف رهڻ منهنجو معمول هو، بُرن دوستن جي صحبت مون کي ويتر وڌيڪ بگاڙي ڇڏيو هو، دوستن سان گڏجي سڄي رات


 

 



[1]...تنبیہ الغافلین، صفحہ:53۔