Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هن آيت ۾ فرمايو ويو ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماڻهن کي حڪم ڏيو ته اي انسانو! پنهنجي اڳوڻن گُنَاهن جي معافي گھرو ۽ آئنده گُنَاھ ڪرڻ کان توبه ڪريو! جنهن پنهنجي گُنَاهن کان پڪي توبه ڪئي ۽ اِخلاص سان پنهنجي رَبِّ ڪريم جو عبادت گذار بڻجي ويو ته الله پاڪ ان کي ڪثير رِزق ۽ وُسعَتِ عيش عطا فرمائيندو ۽ هو امن ۽ راحت ڀري زِندگي گذاريندو، ان کان الله پاڪ راضي ٿيندو۔ ۽ جيڪو توبه نه ڪري، ڪفر ۽ گُنَاهن تي قائِم رهي ته هو خوف واري زِندگي گذاريندو، بيمارين ۾ مبتلا رهندو ۽ ان کي الله پاڪ جي ناراضي پڻ ڏسڻي پوندي، جيتوڻيڪ دُنيا ۾ ان کي لذّتون مِلي به وينديون، تڏهن به ان عيش ۾ ڪا ڀلائي نه آهي جنهن کان بعد جهنّم هجي۔([1])

الله پاڪ غفور و رحيم آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ وڏو بخشڻهار، مهربان آهي۔ ڪيترا ئي گُنَاھ هجن، ٻانهو الله پاڪ جي طرف رُجُوع آڻي، پنهنجي گُنَاهن جو اقرار ڪري، رَبِّ رحمٰن و رحيم جي پاڪ بارگاھ ۾ جھڪي وڃي، الله پاڪ تَوبه قبول فرمائي ٿو ۽ معافي سان نوازي ڇڏي ٿو۔ سيپاري: 24، سورت زُمَر، آيت:53 ۾ ارشاد آهي:

قُلْ یٰعِبَادِیَ الَّذِیْنَ اَسْرَفُوْا عَلٰۤى اَنْفُسِهِمْ لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ یَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِیْعًاؕ-اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِیْمُ(۵۳)  (پاره:24،سورۂ زُمَر:53)             

ترجمو ڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: اي منهنجا اهي ٻانهؤ جن پنهنجي پاڻ تي زيادتي ڪئي! الله جي رحمت کان مايوس نه ٿجو. بيشڪ الله سمورا گناهه بخشي ڇڏيندو آهي. بيشڪ اهو ئي بخشڻ وارو مهربان آهي.


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:11، سورۂ ھُوْد، زیرِ آیت:3، جلد:4، صفحہ:393۔