Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

سان نافرمانين جي هن ڀيانڪ انجام جو تصور ته ڪريو! غور ته ڪريو! ڇا عذابِ قبر جو سوچي ئي دِليون ڏڪن نٿيون؟ ڇا هنيانء نٿا ڦاٽن؟ ڊپ نٿو ٿئي، ٿئي ٿو دِل خوف سان ڪنبڻ لڳي ٿي۔ هاڻي فيصلو ڪريو ته اڄ گُنَاھ ڇڏي الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ لڳي وڃڻ آسان آهي يا قبر ۾ انهن عذابن کي منهن ڏيڻ سولو آهي؟ يقيناً اسان مان ڪو به قبر ۽ آخرت جا عذاب سهي نه سگھندو۔ لهٰذا عافيت انهيء ۾ آهي ته اسان اڄ ئي توبه ڪريون، اڃا وقت آهي، اڃا اسان هن دُنيا ۾ آهيون، ساھ هلي رهيا آهن، الله پاڪ اسان کي مهلت عطا فرمائي آهي، توبه جو دروازو به کليل آهي، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان اڄ ئي گُنَاهن کان پڪي سچي توبه ڪريون ۽ الله پاڪ جون نافرمانيون ڇڏي الله و رسول (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي رضا وارن ڪمن ۾ لڳي وڃون۔

صحابئ رسول حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اي گنهگار! تون گُنَاھ جي بُري انجام کان ڇو بي خوف آهين؟ هائو! گُنَاھ جي ڳولها ۾ رهڻ گُنَاھ ڪرڻ کان به سخت آهي۔ تنهنجو ڪراماً ڪاتبين يعني عمل لکڻ وارن ملائڪن کان حياء نه ڪرڻ ۽ گُنَاھ تي قائِم رهڻ تمام وڏو گُنَاھ آهي۔ تنهنجو گُنَاھ ڪرڻ تي خوش ٿيڻ، ٽهڪ لڳائڻ ان کان به وڏو گُنَاھ آهي، گُنَاھ ڪندي تيز هوا جي جهوٽي سان دروازي جو پردو کڄي وڃي ته ڊڄي ويندو آهين پر الله پاڪ توکي ڏسي رهيو آهي، هن ڳالھ کان به نٿو ڊڄين۔ هائو! توکي خبر نه آهي ته الله پاڪ تون سان ڪهڙو سلوڪ فرمائڻ وارو آهي؟([1])

گُنَاھ ڄڻ درندا آهن

امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نُورِ بصيرت سان پنهنجي باطِن کي ڏسو! توهان جو باطِن طرح طرح جي درندن جي گھيري ۾ آهي۔ غُصّو، شهوت، ڪينو، حسد، تڪبر، خود پسندي، رياڪاري، هي سڀئي درندا آهن، اڄ توهان کي هنن درندن جي چڪ هڻڻ جي تڪليف محسوس ناهي ٿيندي


 

 



[1]...جہنّم میں لے جانے والے اعمال، جلد:1، صفحہ:61تقدیم و تاخیر۔