Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

”آه! آه!“ چئي رهيو هو۔ مون غور ڪيو ته هي آواز ويجھو ئي هڪ سفيد چمڪدار قبر مان اچي رهيو هو، مان تِلاوت ڇڏي اهو آواز ٻڌڻ لڳس، قبر جي اندران عذاب جو آواز دِل کي بيقرار ڪري رهيو هو، پوءِ ڪجھ ئي دير کان بعد جڏهن ڏينهن خوب روشن ٿي ويو ته اهو آواز به اچڻ بند ٿي ويو۔

هاڻي اتي ماڻهن جو اچڻ وڃڻ شروع ٿي چڪو هو، مون هڪ شخص کان پڇيو: هي ڪنهن جي قبر آهي؟ ان ٻڌايو ته فلاڻي جي آهي۔ مان ان قبر واري کي سڃاڻي ويس، مون ان قبر واري کي ڏٺو هو، هو ڪثرت سان مسجد ايندو ويندو هو، نمازون وقت تي ادا ڪندو هو، فضول گفتگو کان پرهيز ڪندو هو پر ان جي باوُجُود ان کي قبر ۾ عذاب ٿي رهيو هو، ان ڳالھ مون تي وڏو اثر ڪيو، ان ڪري مون ان جي باري ۾ معلومات ڪئي ته خبر پئي ته هو نمازي شخص هڪ واپاري هو، جڏهن پوڙهو ٿيو ته ان وٽ مال گھٽ رهجي ويو، لهٰذا لالچ ۾ اچي ان وياج جي ڏيتي ليتي شروع ڪئي۔ شايد اهو ئي سبب هو جو هو رمضان المبارڪ ۾ به اهڙي دردناڪ عذاب ۾ ڦاٿل هو۔([1])

الله! الله! اي عاشقانِ رسول! هي آهي نافرماني جو ڀيانڪ انجام...! اهي ماڻهو جيڪي بظاهر نيڪ آهن، نمازون پڙهن ٿا، روزا رکن ٿا، تلاوت به ڪن ٿا پر گُنَاهن ۾ به مَصرُوف رهن ٿا، لڪي، تنهائي ۾ الله پاڪ جي نافرماني ڪن ٿا، هو هن کان عبرت حاصل ڪن۔

افسوس! ٿورو سوچيو ته سهي! جيڪڏهن هيئن گُنَاھ ڪندي ڪندي قبر ۾ لهي وياسين، الله نه ڪري جيڪر گُنَاهن تي گرفت ٿي وئي، هاءِ! جيڪڏهن عذاب مُسَلَّط ڪيو ويو، جيڪڏهن نانگ وڇوئن ڪفن ڦاڙي اسان جي جسم تي قبضو ڪري ورتو، قبر جون ديوارون ملڻ سان پاسڙاٽيون ٽٽي هڪ ٻئي سان ملي ويون ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ آه! اڄ معمولي چوٽ به برداشت ناهي ٿيندي، جيڪڏهن قبر ۾ ملائڪن هٿوڙا وسائڻ شروع ڪيا ته ڪيڏانهن وينداسين، اهڙيون هولناڪ تڪليفون ڪيئن برداشت ڪري سگھنداسين؟ ٿورو ٿڌي دِل


 

 



[1]...جہنّم میں لے جانے والے اعمال، جلد:1، صفحہ:70۔