Book Name:Nafarmani Ka Anjam
وَ كَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍؕ-وَ كَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِیْرًۢا بَصِیْرًا(۱۷) (پاره:15 ،سورۂ بَنِي اِسْرَائِيل:17)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان نوح کان بعد ڪيترون ئي قومون هلاڪ ڪري ڇڏيون ۽ توهان جو رب پنهنجي ٻانهن جي گناهن جي گهڻي خبر رکڻ وارو آهي ڏسڻ وارو آهي.
الله! الله! اهي ڪهڙيون قومون هيون! انهن کي دُنيا ۾ عزّت ڏني وئي هئي، طاقت ڏني وئي هئي، اهي مال دار هئا، اُنهن جا وڏا وڏا طاقتور جسم هئا پر انهن رب جي نافرماني ڪئي، گُنَاھ ڪندا رهيا، ڪندا رهيا ۽ نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن جي ڳالھ نه ٻُڌي، ضِدِّي بڻيا، گُنَاهن تي اَڙجي توبه نه ڪيائون، آخر ربّ قَهَّار جو غضب انهن تي نازِل ٿيو ۽ اُنهن جو نالو ۽ نشان به دُنيا مان مٽجي ويو۔
قومِ عَاد وڏي طاقتور قوم هئي، انهن جا ڊگھا ڊگھا قد هئا، وڏا وڏا جسم هئا، هي جبلن کي تراشي پنهنجا محلّ بڻائيندا ها، الله پاڪ انهن کي مال و دولت سان نوازيو هو، نعمتون عطا ڪيون هيون پر انهن نافرماني ڪئي، الله پاڪ جي نبي حضرت هود عَلَيۡهِ السَّلَام کي نه مڃيو، ڪفر ڪندا رهيا، گُنَاهن تي قائِم رهيا، ضِدّي بڻيا، نيٺ انهن تي رَبِّ قَهَّار جو قهر ٿيو، الله پاڪ انهن تي آنڌي(انڌاري) جو عذاب موڪليو، اها نهايت سرد، خشڪ، خير و برڪت سان خالي ۽ سخت سَنَّاٽيدار آنڌي هئي، ان جي شِدّت جو حال هي هو جو ماڻهن کي زمين تان هيئن کڻندي هئي جيئن کجورن جا سُڪل ٿڙ هجن، پوءِ انهن کي مٿي ڀر زمين تي هن طرح هڻندي هئي جو انهن جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا هئا، 8 ڏينهن تائين هي آنڌي مسلسل هلندي رهي ۽ ان قومِ عاد جو نالو ۽ نشان تائين مٽائي ڇڏيو۔([1])