Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

نافرماني کان هر گھڙي بچندا رهون، ڇوته الله ۽ رسول جي نافرماني دُنيا و آخرت ۾ ذِلَّت و رُسوائي جو سبب آهي۔ حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائيندا هئا: اي اِبنِ آدم! تنهنجي هلاڪت ٿئي...! ڇا تون الله پاڪ کان مقابلو ڪرڻ چاهين ٿو؟ ٻڌو! ٻڌو! جنهن الله پاڪ جي نافرماني ڪئي ڄڻ ان الله پاڪ کان جنگ ڪئي۔([1])

گناہوں سے مجھ کو بچا یااِلٰہی!       بُری عادتیں بھی چھڑا یااِلٰہی!

خطاؤں کو میری مٹا یااِلٰہی!        مجھے  نیک  خصلت  بنا  یااِلٰہی!([2])

نافرماني لعنت وسڻ جو سبب آهي

سيپاري: 6، سورت مائده، آيت: 78 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

لُعِنَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْۢ بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ عَلٰى لِسَانِ دَاوٗدَ وَ عِیْسَى ابْنِ مَرْیَمَؕ-ذٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَّ كَانُوْا یَعْتَدُوْنَ(۷۸)

ترجمو ڪنزالعرفان: بني اسرائيل مان ڪفر ڪرڻ وارن تي داؤد ۽ عيسٰي بن مريم جي زباني لعنت ڪئي وئي. هي لعنت ان سبب هئي جو انهن نافرماني ڪئي ۽ اهي سرڪشي ڪندا رهندا هئا.

هن آيت سڳوري ۾ ٻڌايو ويو ته بني اسرائيل نافرماني ڪئي، اهي ماڻهو گُنَاهن ۾ حد کان وڌيا، الله پاڪ جي حدن کي ٽوڙيو ته حضرت داؤد ۽ حضرت عيسيٰ عَلَيهمَا السَّلَام انهن تي لعنت فرمائي۔ لهٰذا اهي ماڻهو عذاب ۾ گرفتار ٿيا۔ معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جي نافرماني لعنت وسڻ جو سبب آهي۔

نافرمان تي الله پاڪ جي لعنت

حضرت وَهب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي، الله پاڪ بني اسرائيل جي نبي


 

 



[1]...عُیُون الحکایات، حصہ اوّل، صفحہ:52۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:100۔