Book Name:Nafarmani Ka Anjam
وَ مَنْ یُّهِنِ اللّٰهُ فَمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍؕ- (پاره:17،سورۂ حَج:18)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جنهن کي الله ذليل ڪري ته ان کي ڪو عزت ڏيڻ وارو نه آهي.
تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت تحت آهي: معلوم ٿيو ته عزّت ۽ ناموَرِي ڪنهن قوم يا فرد جي ميراث نه آهي جو ڪو ٻانهو چاهي، ڪيترا ئي ڪارا ڪم ڪندو رهي، پنهنجو اعمال نامو گُنَاهن سان ڀري وٺي، ان جو ڪردار نافرمانين سان داغدار هجي، ان جي باوُجُود هو عزّت سان ئي زِندگي گذاريندو... نه! نه! هيئن نه آهي بلڪه جيڪو پنهنجي اخلاق و ڪردار سان، نيڪ عملن سان، خير خواهي ۽ همدردي سان پنهنجو پاڻ کي عزّت جو حقدار ثابت ڪري ٿو، الله پاڪ ان کي عزّت ڏي ٿو ۽ جيڪو مسلسل نافرمانين ۾ مبتلا رهي ٿو، هو ذِلّت جي اونهي کڏ ۾ ڪرايو ويندو آهي۔([1])
نافرماني ذليل ۽ رُسوا ڪري ڇڏيو
حضرت جبير بن نُفَير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن مسلمانن قُبرُس کي فتح ڪيو، مون ڏٺو ته صحابيء رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه تنهائي ۾ ويٺا روئي رهيا آهن، مون سندن خدمت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: عالي جاه! اڄ ته الله پاڪ مسلمانن کي ڪافرن تي غلبو عطا فرمايو آهي (يعني اڄ خوشي جو ڏينهن آهي) ۽ اوهان ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهيو؟ حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: اي جُبَير! غور ته ڪريو...! جيڪو الله پاڪ جي نافرماني ڪري ٿو، هو پنهنجي رَبّ وٽ ڪيترو بي وُقعَت ٿي ويندو آهي۔ قُبْرُس جا رهاڪو ڪيتري غلبي ۽ عزّت وارا هئا، انهن الله پاڪ جا اَحڪام ڇڏيا، پنهنجي رَبِّ ڪريم جي نافرماني ڪئي ته انهن جو هي حال ٿيو (جو اڄ انهن کي شڪست ٿي ۽ اهي ذليل و رُسوا ٿي ويا)۔ ([2])