Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

هئا ۽ اهي سڀ نافرمان ڀولا بڻجي چڪا هئا۔([1]) الله پاڪ هي عبرتناڪ واقعو قرآنِ ڪريم ۾ هيئن ذِڪر فرمايو:

وَ لَقَدْ عَلِمْتُمُ الَّذِیْنَ اعْتَدَوْا مِنْكُمْ فِی السَّبْتِ فَقُلْنَا لَهُمْ كُوْنُوْا قِرَدَةً خٰسِـٕیْنَۚ(۶۵)  (پاره:1،سورۂ بَقَرَه:65)    

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ يقينًا توهان کي معلوم آهن اهي ماڻهو جن توهان مان ڇنڇر جي ڏينهن ۾ سرڪشي ڪئي، ته اسان انهن کي چيو ته تڙيل ڀولڙا بڻجي وڃو.

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی

ہائے میں نارِ جہنم میں جلوں گا یارب!

گُنَاه الله پاڪ کان جنگ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان! الله پاڪ جي نافرماني جو ڪيترو ڀيانڪ انجام ٿيو، الله پاڪ بني اسرائيل جي ان نافرمانن کي قيامت جي لاءِ نشانِ عبرت بڻائي ڇڏيو۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ انهيء عبرتناڪ واقعي بابت فرمائي ٿو:

فَجَعَلْنٰهَا نَكَالًا لِّمَا بَیْنَ یَدَیْهَا وَ مَا خَلْفَهَا وَ مَوْعِظَةً لِّلْمُتَّقِیْنَ(۶۶)  (پاره:1، البقرۃ:66)          

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ اسان اهو واقعو ان وقت جي ماڻهن ۽ ان کان پوءِ وارن جي لاءِ عبرت ۽ پرهيزگارن جي لاءِ نصيحت بڻائي ڇڏيو.

          معلوم ٿيو ته هن واقعي ۾ عبرت آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ هن واقعي کي اسان جي عبرت لاءِ بيان ڪيو آهي، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان هن مان عبرت وٺون، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ رَجُوع ڪريون، تَوبه ڪريون، نيڪيون ڪريون ۽ الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي


 

 



[1]...حاشیہ صاوی علی الجلالین، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:66، جلد:1، صفحہ:80۔