Book Name:Nafarmani Ka Anjam
پيارا اسلامي ڀائرو! مَرد کي سون (Gold) جي منڊي (Ring) پائڻ حرام آهي۔ رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سون جي منڊي پائڻ کان منع فرمايو آهي * (نابالغ) ڇوڪري کي سون جا زيور پارائڻ حرام آهي ۽ جنهن پارايا اهو گنهگار ٿيندو، ائين ٻارن جي هٿ پيرن تي بلا ضرورت ميندي لڳائڻ ناجائز آهي، عورت پنهنجي هٿن پيرن تي ميندي لڳائي سگھي ٿي، پر ڇوڪرن کي لڳائيندي ته گنهگار ٿيندي * لوهه جي منڊي جهنّمين جو زيور آهي * مرد جي لاءِ اها منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊي وانگر هجي يعني هڪ نگيني جي هجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ (هڪ کان وڌيڪ يا) گھڻا نگينا هجن ته پوءِ کڻي چاندي جي هجي مَردن لاءِ ناجائز آهي * بغير نگيني واري منڊي پائڻ ناجائز آهي جو هي منڊي ناهي، ڇلو آهي * چاندي جي هڪ منڊي هڪ نگ واري جيڪا وزن ۾ ساڍا چار ماشه (يعني چار گرام 374 ملي گرام) کان گھٽ هجي پائڻ جائز آهي * عيدن تي منڊي پائڻ مُستَحب آهي، پر مرد اها ئي جائز واري منڊي پائي * مرد کي گھرجي ته منڊي جو نگينو تري ڏانهن ۽ عورت منڊي جو نگينو هٿ جي پشت (يعني هٿ جي پٺي) ڏانهن رکي * چاندي جو ڇلو خاص لِبَاسِ زَنان(يعني عورتن جو زيور) آهي مَردن کي مڪروه (تحريمي، ناجائز وگُناھ آهي) * عورت سون چاندي جون جيتريون چاهي منڊيون ۽ ڇلا پائي سگھي ٿي، هن ۾ وزن ۽ نگيني جي تعداد جو ڪو قيد نه آهي * لوهه جي منڊي تي چاندي جو کل چاڙهيو جو لوهه بلڪل ڏسڻ ۾ نه اچي ته ان منڊي جو پائڻ (مرد ۽ عورت ڪنهن کي به) منع نه آهي۔([1])
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو