Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

گُنَاهن جو سلسلو جاري رهندو هو، هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مَغرب جي وقت نماز جي دعوت ڏني، خبر ناهي ان جي دعوت ۾ ڪهڙو اَثَر هو جو مان ان سان مسجد جي طرف هلي پيس، مغرب نماز پڙھي، نماز کان بعد هڪ اسلامي ڀاءُ فيضانِ سُنَّت مان دَرس ڏنو، دَرس کان هڪدم بعد اسلامي ڀائرن هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ وڃڻ جي تياري شروع ڪئي۔ هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي به هفتيوار اِجتماع ۾ شرڪت جي ترغيب ڏياري، ان جو انداز اهڙو پيارو هو جو مان هڪدم هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي ويس، پوءِ جلد ئي اسلامي ڀائرن سان گڏجي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه جي فضائن ۾ پهچي ويس، اتي سنتن ڀريو بيان ٻُڌو، ذِڪرُ الله ۾ مَصرُوف رهيس، پوءِ رِقَّت انگيز دُعا ٿي۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جو مون تي ايترو اَثَر ٿيو جو مون دُعا جي دوران روئي روئي پنهنجي گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ آئينده زِندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي پخته نيت ڪري ورتي، مون تي ڪيف و سُرور طاري هو، اجتماع کان واپسي کان بعد مون نمازن جي پابندي شروع ڪري ڇڏي ۽ نيڪين ڀري زِندگي گذارڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويس۔

اسی ماحول نے ادنیٰ کواعلیٰ کر دیا دیکھو!     اندھیرا ہی اندھیرا تھا اُجالا کر دیا دیکھو!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَد اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!      جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔