Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الاَعْمَالُ بِالنِّيات عملن جو دار ومدار نيتن تي آهي۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! چڱي نيت اَفضَل ترين عَمَل آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو: * نگاهون هيٺ ڪري ڌيان سان بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين جي تعظيم جي خاطر جيتري دير ٿي سگھيو اَلتَّحِيات جيان ويهندس * ضرورت مهل سمٽجي، سُري(سِرڪي) ٻين جي لاءِ جڳھ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس * گُھورڻ، ڇڙٻ ڏيڻ، اَٽڪڻ کان بچندس * بيان کان بعد پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن سان سلام ڪندس * هٿ ملائيندس * ۽ نيڪي جي دعوت پيش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْکَرِیْم!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نافرمان ماڻهو بندر(ڀولڙا) بڻجي ويا

بني اسرائيل جا ڪجھ ماڻهو سمنڊ جي ڪناري اَيله نالي ڳوٺ ۾ رهندا هئا، هي سڀئي موهاڻا(مڇي جو شڪار ڪندڙ) هئا، سمنڊ مان مڇيون پڪڙي وڪڻندا ها ۽ هيئن پنهنجي روزيءَ جو اهتمام ڪندا ها، وڏي خوشحال زِندگي گذري رهي هئي، پوءِ قُدرت کي سندن امتحان منظور ٿيو، ان ڪري انهن لاءِ ڇنڇر جي ڏينهن مڇي جو شڪار حرام قرار ڏنو ويو۔ (الله پاڪ مالِڪ آهي، هو پنهنجي ٻانهن کي جيڪو چاهي اهو حڪم ڏئي سگھي ٿو، قرآنِ مجيد ۾ آهي:

لَا یُسْــٴَـلُ عَمَّا یَفْعَلُ وَ هُمْ یُسْــٴَـلُوْنَ(۲۳)   (پاره:17،سورۂ اَنْبِيا:23)

ترجمو ڪنزالعرفان: الله کان ان ڪم جي باري ۾ سوال نه ڪيو ويندو جيڪو هو ڪري ٿو ۽ ماڻهن کان سوال ڪيو ويندو.


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔