Book Name:Nafarmani Ka Anjam
الله پاڪ بني اسرائيل تي ڇنڇر جي ڏينهن مڇي جو شِڪار ڇو حرام فرمايو ويو؟ هي ان جي حڪمت آهي، هو جيڪو چاهي ڪري، اسان ٻانها آهيون، اسان کي صرف اکيون بَند ڪري پنهنجي مالِڪ و موليٰ جو حڪم مڃڻو آهي.
خير! الله پاڪ بني اسرائيل جي لاءِ ڇنڇر جي ڏينهن مڇي جو شِڪار حرام ڪيو۔ هاڻي انهن کي آزمائش هي ٿي جو ڇنڇر جي ڏينهن سمنڊ ۾ مڇيون تمام گھڻيون اينديون هيون، ايتريون مڇيون ڏسي انهن جي دِلين ۾ لالچ ٿي، دل چاهيندي هئي ته مڇيون پڪڙيون، وڪڻون ۽ خوب نفعو ڪمايون پر ڇنڇر جي ڏينهن مڇيون پڪڙڻ حرام هو، لهٰذا دِل جي حسرت دِل ئي ۾ رهجي ويندي هئي، ڪجھ عرصو ته انهن صبر ڪيو ۽ الله پاڪ جي حڪم تي عمل ڪندا رهيا، پوءِ انهن کي شيطان حيلو سيکاريو، انهن هيئن ڪيو جو پنهنجي گھرن جي ويجھو وڏا وڏا حوض ٺاهي سمنڊ کان ناليون ڪڍي حوض تائين کڻي آيا، ڇنڇر واري ڏينهن جڏهن مڇيون گھڻيون ٿيون ته نالين جا مُنڍکولي ڇڏيا، مڇيون ان نالين جي ذريعي حوض ۾ اچي وينديون هيون، پوءِ ٻي ڏينهن اهي انهن کي پڪڙي وٺندا هئا۔
اها به الله پاڪ جي نافرماني ئي هئي، انهن صِرف پنهنجي دِل جي تسلي جي لاءِ هيئن ڪيو هو، نه ته ظاهر آهي، مڇيون پڪڙڻ منع هو، چاهي ڄار ذريعي پڪڙين، چاهي حوض جي ذريعي قيد ڪن، ٻنهي صُورتن ۾ مڇيون ته پڪڙيون ئي ويون۔
لهٰذا انهن کي سمجھايو ويو، دِين جو درد رکڻ وارن انهن کي نيڪي جي دعوت ڏني، انهن کي ٻڌايو ته جيڪو توهان ڪري رهيا آهيو، هي غير شرعِي حيلو آهي، هي صرف هڪ بهانو آهي، توهان الله پاڪ جي نافرماني ڪري رهيا آهيو پر انهن نه مڃيو، الله پاڪ جي نافرماني ڪندا رهيا، گُنَاھ ڇڏي ۽ توبه ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا، نيٺ انهن جي لاڳيتو نافرماني سبب الله پاڪ جو قَهر انهن تي نازل ٿيو، هڪ صبح جو ڏٺو ويو ته نافرمانن جا چهرا مَسخ ٿي چڪا