Book Name:Nafarmani Ka Anjam
عزّت صِرف الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي؛ عزّت صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ آهي، جيڪو الله پاڪ جي نافرماني ڪري ٿو، هو ذليل ۽ رُسوا ٿي ويندو آهي۔ سڀني مسلمانن جي اَمڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها هڪ ڀيري حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه کي نصيحت ڀريو خط لکيو، ان ۾ فرمايائون: بيشڪ جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي نافرماني ڪري ٿو، ان جي سزا ۾ ان شخص جي واکاڻ ڪرڻ وارا ماڻهو ئي ان جون بُرائيون ڪرڻ لڳن ٿا۔([1])
حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن ٻانهو نيڪي ڪري ٿو ته هي نيڪي ان جي دِل ۾ نُور ۽ بدن جي طاقت بڻجي ويندي آهي ۽ جڏهن ٻانهو گُنَاھ ڪري ٿو ته هي گُنَاھ ان جي دِل ۾ اونداھي ڪندو آهي ۽ بدن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي۔ ([2])
نافرماني آفتن ۽ بلائن جو سبب آهي
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
ظَهَرَ الْفَسَادُ فِی الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ اَیْدِی النَّاسِ لِیُذِیْقَهُمْ بَعْضَ الَّذِیْ عَمِلُوْا لَعَلَّهُمْ یَرْجِعُوْنَ(۴۱)
(پاره:21،سورۂ رُوْم:41)
ترجمو ڪنزالعرفان: خشڪي ۽ تريءَ ۾ فساد ظاهر ٿي ويو انهن برائين جي سبب جيڪي ماڻهن جي هٿن ڪمايون ته جيئن الله انهن کي انهن جي ڪجهه ڪمن جو مزو چکائي ته جيئن اهي مڙي وڃن.